ستي (رسم): جي ورجائن ۾ تفاوت
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
Intisar Ali (بحث | ڀاڱيداريون) نئون صفحو: ستي: ويدڪ زماني ۾ عام دستور هيءُ هوندو هو ته وڌوائون مڙسن جي لاشن سان گڏ پاڻ کي به لڪڙا ڏيئي جلائي... ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار |
Intisar Ali (بحث | ڀاڱيداريون) سنوار جو تَتُ ڪونهي ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار |
||
سِٽَ 1:
ستي:
</ref>پريت تو ائسي ڪيجئي، جئسي هندو ڪي جوءِ، جيتي جي تو سنگ رهي، مـــئي ڀي ســـتي هـــوءِ. يعني پريت ته اهڙي ڪجي، جهڙي هندوءَ جي زال ڪري ٿي، جيئري ته مڙس سان رهي ٿي، پر مڙس جي مرڻ کانپوءِ به ستي ٿئي ٿي. ٻيو هڪ سنڌي پهاڪو آهي ته ”ستي لڪڙن کان موٽڻ (پاڻ نه جلائڻ) ڪسي ڳالهه ليکبي هئي، ۽ پوءِ اهڙيءَ زال جو مان نه رهندو هو. مطلب ته مانُ ٿيندو ئي انهن زالن جو هو، جي پنهنجي پتيءَ سان گڏ پاڻ کي به لڪڙا ڏيئي پورو ڪنديون هيون. ستي لڪڙيءَ جي رواج جو ذڪر اٿرو ويد جي منڊل ارڙهين (3، 1) ۾ آهي. اهو رواج رگ ويد واري زماني ۾ به هو، پر سڀڪا وڌوا پاڻ کي ڪانه جلائيندي هئي. رگ ويد جي منڊل ڏهين، سُوڪت اٺين (اَشٽڪ ستين جي ڇهين اڌ ڀاءُ جي ورگ ٻئي) ۾ جيڪي لکيل آهي، تنهن جو ترجمو ڪن عالمن ڪيئن ته ڪن ڪيئن ڪيو آهي. گهڻن عالمن ان جو ترجمو هيئن ڪيو آهي:
”اي ناري، اُٿ! تون انهيءَ جي ڀرسان اچي ليٽي آهين، جنهن جا پساهه پورا ٿي ويا آهن. جيئرن جي دنيا ۾ آءُ. پنهنجي پتيءَ کان پري ٿيءُ، ۽ انهيءَ جي استري ٿيءُ، جو تنهنجو هٿ جهلي بيٺو آهي، ۽ توسان پرڻجڻ جي مرضي اٿس“.
|