اجرڪ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 17:
سنڌ جي هزارن سالن جي -تاريخ- ۾ هن هنر جا ڪئين ڪاريگر پيدا ٿيا هوندا، پر وقت جي وهڪري انهن نالن کي محفوظ نه رکيو. بهرحال ويجهڙ واري دؤر ۾ هيٺين ڪاريگرن جا نالا معلوم ٿيا آهن:
الهڏنو سومرو کٽي، ڀليڏنو سومرو کٽي، حاجي جمعو ۽ يعقوب لٽائي، ويٺل وسي ملوڪ شاهه (-ٽکڙ- جا)، جيڪي -پاڪستان- کان اڳ جا ڪاريگر هئا. حاجي عثمان ۽ طاهر محمد، ٻئي ڀائر مٽيارين جا هئا. سعيدپور جي مَنُو کٽيءَ، وڏي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ حاجي وريل ۽ محمد عيسو به سٺا ڪاريگر ٿي گذريا آهن. حاجي وڪيو شاهه ڪاريگر هو، جنهن مٽيءَ جي پورن سان ڪم ڪيو، ڪاٺ جا پور پوءِ ٺهرايائين. ڀينڊي جو گل محمد سومرو کٽي، سيکاٽ جو حاجي صالح کٽي سومرو ۽ ماتليءَ جو محمد حسن، گذاري ويا. واري -تڙ-، سکر جو ڪاريگر محمد صالح سومرو، 1999ع ۾ گذاري ويو، جيڪو مشهور شاعر ادل سومري جو والد هو. مشهور ڪاريگرن ۾، مٽيارين جو -بچل- ’-بمبئي-‘، ڪم جي سهڻائيءَ ۽ تيزيءَ سبب -بمبئي- نالو پيس. کيبرن جا محمد صديق سهتو ۽ حاجي عثمان،. سيکاٽ ۾ محمد يونس کٽي سومرو، ٽنڊي محمد خان ۾ حاجي ڀليڏنو، حاجي لکاڏنو ۽ حاجي محمد شفيع ماتليءَ ۾ هاڻي محمد حسن جو پٽ محمد عثمان ڪم ڪندو آهي.
ڪي هندو جاتيءَ جا ماڻهو به اڳ ۾ -اجرڪ- ڇُرڻ جو ڪم ڪندا هئا، -جن- مان ڪي هالا ۾ رهندا هئا، جيڪي ڪجهه سال اڳ لڏي ڀارت هليا ويا، -جن- ۾ واسو مل، دولهه ڏنو مل، مينگهومل، ڪيول مل ۽ ڀڳڙي مل جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. مٺيءَ ۾ کتري هندو -اجرڪ- جو ڪم ڪن ٿا، -جن- ۾ نٿو مل کتري هن وقت ڪاريگر ليکيو وڃي ٿو. <ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%AC%D8%B1%DA%AA اجرڪ : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref> سنڌ جي اجرڪ مشهور آهي.، اجرڪ تي ڇر جو ڪم اهڙي ڪاريگريءَ سان ڪندا آهن. جو عقل حيران ٿيو وڃي. اجرڪن جا ٻه قسم ٿيندا آهن: هڪڙيون هڪ پُڙيون ۽ ٻيون ٻه پُڙيون. ٻه پُڙيون اجرڪون ڀليون ٿينديون آهن، وڏيون ويڪريون اهڙيون، جو جهول ڀري، ڪانبي ۾ پوريون. وري اجرڪن جي ڇر ۾ به نمونا ٿيندا آهن: ڪي اجرڪون ڪڪرن تي ته ڪي ڦلن تي ته ڪي دٻلين تي. ٻه پُڙين اجرڪن کي ٻهراڙيءَ جون زالون وچ ملائڻ لاءِ، کير يا ڪنڊوڙو هڻنديون آهن. ڪي ست رنگي پَٽ يا سُٽ جو، ڪي هڪ رنگو. اجرڪن کي به سنڌ جي لباس ۾ خاص جاءِ آهي. جي سيءُ هجي نه ڪلهن ۾ ڪن يا سمهڻ مهل مٿان اوڍين، جي ميڙي ملاکڙي وڃن ته مٿي سان ٻڌن، جي ڪچهريءَ يا رس رهاڻ ۾ ويهن ٽه ڪانڀ ڪڍن، جي چونڊو ڪن ته ڪانبو ٻڌن، جي گاهه ڪن ته ڀري ٻڌن. زالون وري مَنهَه مارڪي مٿي تي ڪن. گهر کان ٻاهر نڪرن ته اجرڪ جي ( يا ٻي ڪنهن چادر جي) اکڙي ڪڍي وڃن. لاباري لائيءَ تي جهول ٻڌي ٻار کي سمهاري لوڏين. ان کان سواءِ جي ڪنهن مڙس کڻي ڪو انصاف جهڙو ڪم ڪيو ته وڏيرو يا زميندار کيس اجرڪ يا لونگي وٺي ٻڌرائيندو ۽ جي ڪنهن ماڻهوءَ ڪنهن زال کي دين جي ڀيڻ ڪري سڏيو ته به اجرڪ وٺي کڻي اوڍائيندس. اجرڪ جو رواج سواءِ سنڌ جي، ٻيو ڪٿي به ڪونهي. سنڌ ۾ به لاڙ واري ڀاڱي ۾ گهڻو آهي، ٻين هنڌ ٿورو.<ref>{ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page2.html }}}
</ref>