ماءٌ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: thumb|right|right[[|سڪم جي ھڪ ماء ٻار سان گڏ]] '''ماءُ''':'''mother''' : موجوده انگريزي لفظ Mother وچولي د...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 11:
 
[[File:MonumentoMadre.JPG|thumb|left|''Monumento a la Madre''[[ميڪسيڪو سٽي]] ۾ ھن مائرن جي يادگار تي لفظ لکيل آھن تہ:" ان جي ياد ۾ جيڪا اسان جي ڄمڻ کان اڳ بہ اسان سان سان پيار ڪندي آھي".]]
هر هڪ انسان هڪ ئي وقت ڪيترن ئي رشتن سان لاڳاپيل رهي ٿو. پٽ به آهي ته ڀاءُ به ڀائيٽيو به آهي ته ڀاڻيجو نه، ماروٽ به آهي ته ماسات به، ساڳيءَ ريت هو هڪ ئي وقت ڪنهن جي اکين جو نور ۽ محبت جو بيڪر آهي ته ڪنهن جي نفرت ۽ حقارت جو ڪارڻ! پر مڙني رشتن ۽ ناتن، لڳ ۽ لاڳاپن ۾ ماءُ جو رشتو هڪ اهڙو رشتو آهي، جيڪو هر حال ۾ بي پناهه محبت جو مجسمو آهي. ماءُ ٻار کي 9 مهينا پيٽ اندر پالي ٿي. پردن اندران سندس هر طرح پرگهور لهي ٿي، رڳن ۽ نسُن جي سهاري کيس کاڌو پهچائي. سرجڻ کان پيدا ٿيڻ تائين سور سهي ٿي. تنهن کان پوءِ راتين جو راتيون نيڻن جي ننڊ حرام ڪري، پنهنجو سک ۽ آرام ڦٽائي، سونهن ۽ سينگار ختم ڪري، اولاد کي هر حال ۾ سکيو ڏسڻ گهري ٿي، ان جي بدلي کيس جيڪي تڪليفون ۽ اهنج عذاب سهڻا پون ٿا، تن کي هوءَ اندر واري اڪير وچان برداشت ڪندي پيئي سُرور محسوس ڪندي آهي..<ref>{رسالو: سرتيون؛ مضمون :ماء ؛از: آزاد قاضي؛ آپريل 1995؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}</ref>
[[File:Netherlands Madonna nursing the Child.jpg|thumb|سن 1510 جي[[ نيدرلينڊ]] جي پينٽنگ جنھن ۾[[ ميڊونا ]]کي پنھنجي ٻار کي کير پياريندي ڏيکاريو ويو آهي]]
 
اولاد لاءِ سندس اهڙي شفقت، پيار ۽ پاٻوهه جي ڪري ئي اها چوڻي مشهور ٿي آهي ته ”پيءُ مئي ٻار اڌ ڇورو ٿيندو آهي، پر ماءُ مئي سڄو ڇورو“ ڇاڪاڻ ته پيءُ ، ماءُ جي بنسبت اولاد جو ايترو اونو نه رکي سگهندو آهي. پيءُ ڪيترن ٻين ڪمن کي اولاد کان وڌيڪ ڄاڻيندو آهي. پر ماءُ اولاد جي ڀيٽ ۾ ٻي هر شيءِ قربان ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويندي آهي. هوءَ پاڻ کي ڏکيو بکيو رکي به اولاد کي هر لحاظ کان سک پهچائيندي رهندي آهي. ماءُ جي اها محبت ئي آهي جا اولاد جي هر موڙ تي رهنمائي ڪري ٿي.
محبت جا ٻه قسم ”وجدائي“ ۽ ”ورداتي“ چيا وڃن ٿا. وجدائي يعني اهڙي محبت جا قدرتي طور تي پيدا ٿيندي هجي، جنهن کي ٻين لفظن ۾ نطري محبت به چئجي ٿو اهڙيءَ محبت لاءِ جيئن ٿڌ تيئن وڌ وارو مثال پوريءَ ريت ٺهڪي اچي ٿو. ان کي اول کان آخر تائين بي پناهه خلوص ۽ محبت جو اميري يا عريبي،سونهن يا ڪوجهائيءَ سان ڪو واسطو نه هوندو آهي، نه وري اها ڪا مختلف دورن ۾ وڌبي گهٽبي آهي. هن محبت واري درجي ۾ ماءُ واري محبت شمار ڪئي وڃي ٿي. ماءُ پنهنجي اولاد سان محبت، بغير ڪنن مفاد يا لالچ جي ڪندي آهي، اها محبت جنهن کي ڪيڏا به ڏک ۽ ڏاکڙا، اهنج ۽ عذاب خم ڪري نه ٿا سگهن. بلڪ جڏهن به ڏکن ڏاکڙن مُنهن ڪڍيا آهن ته اها بي لوث محبت ويتر وڌيڪ آزمائش جي گهڙين منجهان گذرڻ لاءِ تيار نظر اچڻ لڳي آهي.<ref>{رسالو: سرتيون؛ مضمون :ماء ؛از: آزاد قاضي؛ آپريل 1995؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}</ref>
 
[[File:Discussion.jpg|thumb|ھڪ آمريڪي ماء ٻار سان گڏ]]
[[File:ASC Leiden - Coutinho Collection - B 29 - Life in the Liberated Areas, Guinea-Bissau - Woman with child - 1974.tif|thumb|
گني بسائو ۾ ھڪ ماء ٻار سان گڏ 1974 جو ڦوٽو.]]
 
 
==سروگيٽ Surrogate ماء==