تاريخي ماديت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
تاريخي ماديت ڇا آھي؟؟؟ مڪمل وضاحت سميت بيان ڪيل.....
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
 
{{f}}[[يوزر:Tanveerhaidar|Tanveerhaidar]] ([[يوزر بحث:Tanveerhaidar|ڳالهہ]]) 07:49, 10 مارچ 2016 (UTC)
[[File:Karl Marx 001.jpg|thumb|[[Karl Marx]] (1818–1883)]]
 
تاريخي ماديت __(Historical Materialism):
 
تاريخي ماديت مان مراد، مارڪسيت جو اهو پهلو آهي، جيڪو تاريخ جي مادي ۽ معاشي تعبير سان تعلق رکي ٿو. مارڪس جي خيال ۾ انساني تاريخ هڪ داستان آهي، جنهن ۾ مفلس حال طبقو معاشي بهتريءَ لاءِ جدوجهد ڪندو نظر آيو آهي. ان داستان ۾ استحصالي طبقو ۽ استحصال ٿيندڙ طبقو مسلسل هڪ قسم جي ڪشمڪش ۾ رهندو پيو اچي، جنهن کي “طبقاتي ڪشمڪش” چيو ويندو آهي.<ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>
تاريخي ماديت تاريخي ارتقا کي جانچڻ لاءِ ان تي مارڪسي سائنس جي لاڳو ڪرڻ جو نالو آھي. تاريخي ماديت جو بنيادي مقصد ھڪ جملي ۾ ائين بيان ڪري سگھجي ٿو ته : ” انسانن جو شعور انسانن جي وجود جو شمار ناھي ڪندو، پر ان جي اُبتڙ انسان جو سماجي وجود ان جي شعور جو شمار ڪندو آھي“ (مارڪس: سياسي معيشت جي تنقيد جي مراسلي جو ديباچو)
ان ڳالھ جو مطلب ڇا آھي؟
Line 17 ⟶ 22:
اسان جا مڪتبي مخالف عمومي طور تي سست ۽ بري نظر جا ماڻھو آھن جيڪي نرم ۽ ملائم آرامده ڪرسين تي اڌ ليٽي ڪري سرخ شراب ۽ ٻين سامانن مان انفرادي سرگرمين کي حاصل ڪري رھيا آھن. اتي اسان مارڪس جي مدد سان سمجھي سگھون ٿا ته ماڻھو ”پنھنجي تاريخ“ پاڻ ٺاھيندا آھن، اھي ماضيءَ جي عطا ۽ ماضيءَ مان گذري آيل ھوندا آھن“. اسان کي ھي سمجھڻ جي ضرورت آھي ته ھن سڄي عمل ۾ سماج ڪئينءَ ترقي ڪري رھيو آھي؟ انھيءَ سبب تي اسين چئي سگھون ٿا ته مارڪسزم ھڪ تناظر جي سائنس آھي. زبان جيڪا خيالن جي ڪرنسي آھي پاڻ محنت جي تخليق آھي. اسين ان ڳالھ کي گدڙن ۽ ٻين شڪاري جانورن تائين ۾ ڏسي سگھون ٿا جيڪي پنھنجو شڪار مارڻ لاءِ رڳو وحشياڻي طاقت تا رفتار بجائي گروھي عمل تي ڀاڙيندا آھن. انھن وٽ ڀؤنڪندڙ حڪمن ۽ نشانين جو ھڪ سلسلو آھي جيڪي زبان جي شروعات جا مرحلا آھن. ان طرح سان ماڻھن جي ملي ڪري محنت ڪرڻ جي نتيجي ۾ انھن جي وچ ۾ زبان پنھنجي ارتقا جا مرحلا طئي ڪيا. مٿين درجي جي بن مانسن ۾ منطقي سوچ جي جيوڙن ۽ جانورن ۾ سامانن جو محدود استعمال اڄ به شروعاتي مرحلي تي آھي. جڏھن ته ڪاميابي رڳو حضرت انسان جي ئي ھٿ لڳي.
اسين ڏسي چڪا آھيون ته انساني نسل کي جيڪا ٻين جانورن کان الڳ ڪندي آھي يعني محنت جي ذريعي انسان فطرت کي آھستي آھستي تبديل ڪندو آھي ۽ ائين ڪندي ھي پاڻ کي تبديل ڪندو آھي. ان سان پتو پوندو آھي ته انساني تاريخ جي سڀني بد بختين ۽ غلطين جي اندر ئي ترقيءَ جو ھڪ حقيقي معيار موجود آھي. مردن ۽ عورتن جي اھا وڌندڙ صلاحيت، جنھن ذريعي اھي فطرت تي اختيار حاصل ڪندا آھن ۽ انھن جو واڌارو ضرورتن مطابق ڪندا آھن : ٻين لفظن ۾ ”محنت جي وڌندڙ اضافت“ پيداواري قوتن جي ارتقا جو ھر مرحلو پيداواري رشتن جي ھڪ مخصوص مجموعي سان مطابقت ۾ ھوندو آھي.
<ref>{{f}}[[يوزر:Tanveerhaidar|Tanveerhaidar]] ([[يوزر بحث:Tanveerhaidar|ڳالهہ]]) 07:49, 10 مارچ 2016 (UTC)}}</ref>