اجتماعيت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: اجتماعيت __ (Collectivism): اشتراڪيت جي اصول مطابق زمين، سرمائي، دولت ۽ پيداوار جي ٻين ذريعن کي قومي ملڪ...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 3:
 
اشتراڪيت جي اصول مطابق زمين، سرمائي، دولت ۽ پيداوار جي ٻين ذريعن کي قومي ملڪيت بنائڻ جو نظريو. هي ملڪيت جو نظريو، رياستي، صوبائي يا بلدياتي سطح تي ٿي سگهي ٿو. هن اصطلاح کي پهريون ڀيرو روسي انقلابي يونين استعمال ڪيو. 1880ع ۾ هادري (فرانس) جي مقام تي هڪ ڪانگريسي اجتماع جو پروگرام رکيو ويو ۽ مطالبو ڪيو ويو ته پيدائشِ، دولت جي سموري پيداوار ۽ وسيلن کي رياست جي ملڪيت قرار ڏنو وڃي ته جيئن ماڻهن کي پنهنجي اجتماعي محنت جو ڦل ملي. ’اجتماعيت‘ کي ’اشتراڪيت‘ جي هم معنى به سمجهيو ويو آهي. هارين جو هڪ ٽولو ملي پنهجي زمين ۾ گڏيل طور ڪاشتڪاري ڪندو آهي، زراعت جا اوزار ۽ مال متاع به گڏيل هوندو آهي. رڳو رهڻ لاءِ جڳهه۽ پالتو جانور سندن ذاتي ملڪيت هوندا آهن. زراعت جي منافعي ۾ سندن ڪمن ، محنت جي نوعيت ۽ تناسب کي مد نظر رکي هر ڪنهن کي حصو ڏنو ويندوآهي.1929ع ۾ اسٽالن هن نظام کي روس ۾ رائج ڪيو ۽ 1955ع کان ان کي اجتماعي زراعت جو رواج ڏنو ويو. <ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}