سري لنڪا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 98:
سريلنڪا يا شري لنڪا کي سلون به سڏيندا آهن. پر ان جو اصل نالو ’لنڪا‘ هو. جيڪو وري سرڪاري طرح رکيو ويو آهي. هندن جي مذهبي ڪتابن راماين وغيره ۾ پڻ هن کي '''لنڪا''' سڏيو ويو آهي. شاهه لطيف پڻ سُر سامونڊيءَ ۾ هن لنڪا جو ذڪر ڪيو آهي.
 
<center>کاري کيڙائو، مٿي مِٺي موٽيا </centerbr>
<center>سودو ڪن سون جو وڏا وهائو </centerbr>
<center>موتي جي مهراڻ جا، تن جا طاماعو </centerbr>
<center>سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آيا. </centerbr>
<center>شاهه[[شاھ عبدالطيف ڀٽائي]] </center>
 
دنيا جي نقشي ۾ سريلنڪا ڏسبو ته محسوس ٿيندو ته Pearl ’مڻئي‘ جي شڪل جهڙو هي ٻيٽُ پاڪستان جي ويجھو هئڻ جي باوجود به ايترو ويجھو ناهي. مثال طور پاڪستان هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ملڪن سان ڳنڍيو پيو آهي. هڪ پاسي ايران افغانستان ته ٻئي پاسي چين ۽ روس جي سرحد به سڏ پنڌ تي. ان کان سواءِ دبئي، دوحا (قطر)، ڪويت، عمان، سعودي عرب پڻ سڏ پنڌ تي. ڪيترن ئي ملڪن سان ريل ۽ روڊ ۽ ٽيليفون سان ڳنڍيل. اوسي پاسي جي ملڪن جون ڪمزور ريڊيو اسٽيشنون به ٻُڌڻ ۾ اچن. پر نقشي ۾ سريلنڪا کي ڏسبو ته سريلنڪا جو ٻيٽ فقط اتر ۾ هندستان سان ٿورو لاڳو آهي (يعني هڪ سنهو ’پلڪه‘ نالي ڳچي سمنڊ اٿس) ۽ هندستان جو ڪورو منڊل سامونڊي ڪنارو اتر سلون کان پنجويهه ميل کن پري ٿيندو. باقي سلون جي ڏکڻ پاسي پري پري تائين ڪنارو ناهي. ويندي ائنٽارڪٽڪ سمنڊ جي برفائين ڪناري تائين. جتي ڪا آبادي ناهي فقط سي گل ۽ پينگُئن جهڙا پکي رهن ٿا.
 
ڪولمبو جي اولهه ۾ به هزار ٽي سؤ پنجاهه ميل پري مگديشو (سومالي لئنڊ) آهي. وچ ۾ ننڍن مالديو ٻيٽن کان سواءِ سمنڊ ئي سمنڊ آهي. ۽ اوڀر ۾ هڪ هزار اٺ سؤ پنجويهه ميلن کان پوءِ سنگاپور ٿو اچي.دنيا کان ايترو ڇڄيل هجڻ جي باوجود سريلنڪا ٻن هزار سالن کان دنيا ۾ مسالي، قيمتي پٿرن، هيرن جواهرن، لعلن ياقوتن کان مشهور آهي ۽ جهازن لاءِ سڻائو، وڻندڙ ۽ دلچسپ تڙ (Port) پئي رهيو آهي. هينئر ته سڀڪُجهه: نديون، نارا، ڍنڍون ڍورا، سمنڊ جبل، هر شيءِ نقشن تي ماپيل ۽ ميل آهي ۽ ٻين ڳالهين سان گڏُ جهازراني به گهڻي ترقي ڪئي آهي ۽ ڪابه جڳهه پري يا ڏکي ناهي. پر تعجب آهي ته پراڻي زماني ۾ جڏهن سجُ، چنڊُ تارن ۽ هوائن کان سواءِ ٻيو ڪوبه Navigational Aid يا جهازرانيءَ ۾ مدد ڪندڙ اوزار نه هو، تڏهن به يوناني، رومن، عرب، چيني، پورچوگيز، ڊچ وغيره سڀُ سلون کان ڀلي ڀت واقف هُئا. سنڌباد جا سفر ته سنڌ ۾ به مشهور آهن. هو پنهنجي روايتي سفرن دوران سريلنڪا ۾ پڻ ٻه دفعا آيو.
=جاگرافي==
 
پليني (جيڪو رومن هو) تنهن سلون جو پهريون نقشو، پهرين صديءَ عيسويءَ ۾ تيار ڪيو. تيرهينءَ صدي عيسويءَ ۾ مارڪوپولو دنيا (يورپ آفريڪا ۽ ايشيا) جو چڱو سفر ڪيو. هنپنهنجي ڪتاب ۾ سريلنڪا جو گھيرو ٻه هزار چار سؤ ميل لکيو آهي. انگريزيءَ جي مشهور شاعر ملٽن پڻ جنهن جو (Paradise lost) نالي ڪتاب تمام گھڻو مشهور آهي، ان ڪتاب ۾ سريلنڪا جو ذڪر ڪيو آهي ۽ سلون جو يوناني نالو تئپروبين (Taparobane) استعمال ڪيو آهي.
==نالو==
 
برٽش '''عالم ايمرسن ٽينٽ''' سريلنڪا بابت ٻن جلدن تي ڪتاب لکيو آهي جيڪو 1859ع ۾ ڇپيو. ان ۾ ڄاڻايل آهي ته ٽئپروبين سنسڪرت جو بگڙيل لفظ آهي، جنهن جي معنا ’وڏو حوض‘ يا ’ڳاڙهن ڪنول جي گُلن سان ڍڪيل تلاءُ‘ آهي. سريلنڪا بابت ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. هڪ ٻيو ڪتاب (Ceylon- Pearl of the East) نالي '''هئري وليمس''' جو لکيل آهي. ان ۾ هن ڄاڻايو آهي ته اهو ٽپروبين نالي '''پالي زبان''' (جيڪا آرين ويدن جي ٻولي هُئي ۽ اڳتي هلي ٻڌُ ڌرم جي پوتر زبان ٿي) مطابق '''تامباوانا''' (معنا ٽامي جي رنگ جهڙو) آهي. اهو نالو شايد سريلنڪا جي ڳاڙهسري ڌرتيءَ ڏي اشارو آهي، جتي راجا وجيه سان گڏ ٻيا به آريا عيسوي سن کان پنج سؤ سال اڳ پهتا هُئا. سندن پهريون گاديءَ جو هنڌُ '''تمبا پاني''' نالي شهر هو ــ جنهن پُٺيان ٻيٽ جو نالو مشهور ٿيو.
 
سِٽَ 119:
 
سنڌ ۾ هن سريلنڪا لاءِ سلون، لنڪا ۽ سرنديپ نالا مشهور آهن. جهڙي طرح ڪيترائي عربي لفظ انگريزي زبان ۾ اچي ويا آهن جيئن آلجبرا، ڪيمسٽري وغيره. تهڙي طرح سرنديپ (جيڪو عربن نالو مشهور ڪيو) مان مشهور انگريزي لفظ (Serendipidity) ٿيو آهي. جيڪو پهرين ارڙهين صديءَ جي انگريز ليکڪ هورئس والپو پرين جي آکاڻي '''ٽي سرنديپ جا شهزادا''' (Three Princes of Serendeb) ۾ استعمال ڪيو آهي. ان ۾ سڀني هيرن (شهزادن) ۾ اها لياقت آهي ته هر اتفاق ۽ حادثي ۾ اچتو هنن کي ڪانه ڪا سُٺي ايجاد يا خوشي حاصل ٿيو وڃي. ان تان ئي انگريزي لفظ جُڙيو Serendipidity.
==تاريخ==
 
پُراڻي زماني کان سريلنڪا (سلون) سونهن، ساوڪ ۽ پيار جي علامت پئي رهيو آهي. نه رڳو ننڍي کنڊ جي شاعرن ۽ اديبن ان جو ذڪر ڪيو آهي پر يورپي شاعرن ملٽن کان اووڊ تائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سريلنڪا (سلون) هڪ ڏورانهين سحر انگيز ۽ موهيندڙ ملڪ جي حيثيت ۾ لکيو آهي. '''انجيل مقدس''' (Holy Bible) ۾ '''طارشش''' نالي هڪ شهر جو ذڪر ٿيل آهي, جتان حضرت سُليمان جا جهاز ٽن سالن ۾ هڪ دفعو ”چاندي عاج، ڀولڙا ۽ مور کڻي ايندا هُئا“ ـــ
سلون جي ڏکڻ اولهه ڪناري تي هڪ شهر گال (Galle) آهي. ٽيننٽ جو ته اهو يقين آهي ته بائيبل مقدس ۾ ذڪر ڪيل مٿيون شهر '''طارشش''' اهو سلون جو شهر '''گال''' آهي. جتيوڻيڪ اڄُڪلهه جا ماڊرن جاگرافر اهو ٿا چون ته اهو بائيبل ۾ ذڪر ڪيل طارشش جو شهر اسپين ۾ آهي. پر ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته سلون ۾ چاندي، ڀولڙا، مور ۽ هاٿين ڪري عاج تمام گھڻو آهي ۽ نه ڪي اسپين ۾. ڪيترن ئي بائيبل جي عالمن ۽ عيسائين جو اهو عقيدو آهي ته حضرت نوح جي ٻيڙي طوفان کان پوءِ سرنديپ وٽ اچي بيٺي. <ref>Bible -I kings-10,32</ref>
سِٽَ 145:
ريڊيو سريلنڪا جيڏي طاقتور ۽ مشهور اسٽيشن آهي ان جي مقابلي ۾ عمارت ننڍي اٿس. ريڊيو سلون جي ڪهاڻي به عجيب آهي. هڪ سلوني صحافي وٽاچي تارازي جي لکيل ڪتاب (The Brown Sahib) موجب، ٻي جنگ عظيم کان اڳ ريڊيو سلون تمام ننڍي ريڊيو اسٽيشن هُئي جا سلون ۾ به مس ٻُڌڻ ۾ ايندي هُئي، پوءِ لارڊ مائونٽ بيٽن ڏکڻ اوڀر جي ملڪن سان ريڊيو ذريعي بين الاقوامي رابطو قائم رکڻ لاءِ هڪ طاقتور ريڊيو اسٽيشن تيار ڪرائي ۽ 1947ع ۾ ننڍو کنڊ ڇڏڻ وقت انگريزن سلونين کي سستي اگھه تي وڪڻڻ چاهي ٿي. تن ڏينهن ۾ سلون جي گورنر جنرل سر اوليور کي خبر پئجي وئي ته انگريزن کي اها اتي ئي ڇڏڻي پوندي جو ان کي پٽرائي واپس انگلنڊ کڻي وڃڻ تي کين ان جي قيمت کان ٻيڻو خرچ ڪرڻو پوندو. سو انگريزن جي اها سستي آڇ به قبول نه ڪيائين.“
ائين اها اسٽيشن مفت ۾ سريلنڪا کي ملي وئي. سريلنڪا جي حڪومت ان طاقتور ٽرانسميٽر کي واپاري لائين تي هلائڻ شروع ڪيو ۽ اڄُ ڏينهن تائين هلندي اچي پئي.
==سريلنڪا جا ماڻهو==
 
سلون آدمشماريءَ جي حساب کان هندستان کان به وڌيڪ ڳُتيل آهي. سلون ۾ ستر سيڪڙو ماڻهو سنهالي آهن، جيڪي پراڻي زماني مان اتر هندستان کان آيا هُئا. انهن جي سنهالي زبان سنسڪرت مان نڪتل آهي. تامل زبان ڳالهائيندڙ دير سان هندستان کان لڏي هتي آيا. سنهالين مان ڪي تامل ڳالهائيندڙن سان سڱا بندي ڪري ملي ويا آهن. پر ڪئنڊين (Kandyen) سنهالي پنهنجي انفراديت قائم رکندا اچن ۽ تامل ۽ يورپين جي هن ٻيٽ تي اچڻ وقت مقابلو هو. سنهالي گھڻو ڪري سڀُ ٻُڌ (هنيانا ٻُڌ) آهن ۽ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪرسچن پڻ آهن. سنهالي ماڻهن جو مٿو وڏو ۽ ويڪرو، چپ مڙيئي ٿلها ٿين، طبيعت جا سادا، سٻاجھا، دوست مزاج، ماٺيڻا ۽ صلح پسند آهن. جيتوڻيڪ ڪاوڙ جا به تکا آهن. سندن وار ڪارا ۽ ٿورا گھنڊيدار، اکيون ڪاريون ۽ نڪُ سوڙهو ۽ ڊگھو آهي. سندن رنگُ مشڪي آهي. ڪي ڪڻڪ رنگا به آهن. سندن نالن جي آخر ۾ ’اي‘ ۽ ’آ‘ جا اُچار اچن. جيئن ته بندرانائڪي، سينانائڪي، هولو گالي، جاياماني، واراڌانا وغيره. ڪن ڪن سنهالين جا پورچوگالي ذاتين وارا نالا پاڻ آهن. مثلاً ڊي سلوا، پريرا ۽ فرنانڊو.