چونرا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 5:
 
ڪن قسمن کي ٽيڪ جو کپ ڪو نه ٿو ٿئي، مگر اڪثر ٽيڪ گهرن ٿا. اهي ولين وانگي ٿين ٿا ۽ ڪدوءَ جي ول وانگي مَنهنَ تي چڙهي ويندا آهن ۽ ڇانوءَ ڪري بيهندا آهن. جڏهن ٻج چرين ۾ پوکبو آهي تڏهن چريون ٻه فوٽ پري ڪبيون آهن ۽ ٻن ٻن انچن تي ٻج هڻبو آهي ۽ هڪڙو انچ هيٺ زمين ۾ گهڙبو آهي. ٽن چئن ڏينهن ۾ ڦٽندو آهي ۽ قريب ڇهن هفتن ۾ تيار ٿيندو آهي. گهڻيءَ اُس لڳڻ ڪري وڻ سست ٿيو پوي ۽ پنن کي جيت لڳيو وڃي. چؤنرن جي لاءِ زمين کي گهڻو ڀاڻ نه گهرجي.<ref>ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: [[سنڌي ادبي بورڊ]] ڄامشورو</ref>
 
==طب==
 
نالا: ع. ترمس، ف. باقلا مصري، هه. وغيره___ جهالر، تهين، جرجر مصري، ثامر ۽ سهيلا.
اثر: سرد خشڪ: نقصان دير هضم، ميل: بادام روغن، عيوض: بهوئي چؤنرا، وزن: هضم مطابق.
سڃاڻپ: هي ٻج آهي، هن جا داڻا اڇا ڊگها ڦرين ۾ ٿيندا آهن، ذائقي ۾ ڦڪو.
خاصيت: بدن کي ٿلهو ڪن ٿا، قوت باهه ۽ منيءَ کي وڌائين ٿا، حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪن ٿا، مثاني جي ڦٽ، سيني ۽ ڦڦڙن جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهن. هنن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي، اُهو پاڻي پيارجي ته گردي جي سور، قولنج ۽ وائي باديءَ جي تحليل ڪرڻ لاءِ مفيد آهن. جنهن زال جي پيٽ ۾ ٻار مري وڃي ته اهو پاڻي گهڻي انداز ۾ تيار ڪري ان ۾ هن کي وهارجي ۽ ڪجهه پاڻي پيارجي ته ٻار نڪري ايندو. منهن تي پيل ڇانئين ۽ ڪارن داغن لاءِ هن جو غازو استعمال ڪجي، خنازير لاءِ به مفيد آهي..<ref>ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو</ref>
 
== حوالا ==