گلاب: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 21:
</ref>
==قسم==
 
پهريون، هڪڙا يورپ ۽ الهندي ايشيا وارا گلاب – جهڙوڪ، گوبي گلاب، دمشقي گلاب ۽ فرينچ گلاب – هن جماعت جي خاصيت اها آهي ته اهي رڳو جون ۽ جولاءِ وارن مهينن ڌاري گل ڪن ٿا، تنهنڪري انهن کي موسمي گلاب چئي سگهجي ٿو. ٻيو، اڀرندي ايشيا وارا گلاب، يعني جيڪي هندستان، چين ۽ بوربون جا آهن، جي گهڻو ڪري سڄو سال گل ڪن ٿا ۽ تنهنڪري انهن کي سدا گلاب چئي سگهجي ٿو.<ref>ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
</ref>بهاري يا موسمي گلن مان: پهريون، پراونس روز، جنهن جو ڪتابي نالو روز اسينٽيفوليا (يعني سئو پنن وارو گل) آهي. هن کي فارسيءَ ۾ گل صد برگ چوندا آهن. هن قسم هيٺ ڪابيج روز (يعني گوبي گلاب)، ۽ ماس روز (يعني سينور وارو گلاب) اچي وڃن ٿا. ٻيو، ڊامسڪ روز، (يعني دمشقي گلاب). هن قسم ۾ بصرائي گلاب يا ايراني گلاب اچي وڃي ٿو. اهو تمام خوشبودار آهي ۽ هندستان ۾ عام آهي. هتي گهڻو ڪري موسمي گلاب انهيءَ کي چوندا آهن. هن جون ٻه ذاتيون آهن: هڪڙي ڳاڙهن گلن جي، ٻي اڇن گلن جي. رڳو مارچ ڌاري گل ڪندا آهن. هي جلد ڇاڻي وجهندا آهن. نومبر جي مهيني ۾ هنن جي پاڙن جي مٽي ڪڍي، هفتو ٻه پاڙن کي هوا ڏيندا آهن، پوءِ وري ڳائو ڀاڻ وجهي ڀري ڇڏيندا آهن. ٽيون، اگلنٽائن يا سُوئيٽ برائر، هي هندستان ۾ عام آهي. ننڍڙا پيازي گل ڪندو آهي. هن کي ڇانگ نه ڪبي آهي، جو تمام نازڪ آهي. هن جا قلم ڪين لڳندا آهن، رڳو اکيون، اوڌون ۽ پيوند لڳندا اٿس، يا ٻج پوکبو اٿس. ٻج ٻارهين يا ارڙهين مهيني ڦُٽيس ٿو. چوٿون، پرشن ييلو، (يعني ايراني پِيلو گلاب). هي سونهري پيلي رنگ جا وڏا ۽ ڊبل گل جهليندو آهي. پنجون، بانڪشين روز، هن ذات جا گل جدا جدا رنگن جا ٿين ٿا. هي ٻوڙي وانگي نٿا ٿين، پر ول وانگي پکڙندا ۽ گيل ڪندا آهن. ڪن ۾ ته ڪنڊو بنهه ڪو نه ٿئي. گل وڏا ڪندا آهن. اڪثر چين مان آيل آهن. ڪي ته وري وڻ تي چڙهي ويندا آهن. ڇهون، چيني ۽ بوربوني گڊا.خزاني يا مدامي (سدا) گلن مان: پهريون، ڊامسڪ پرپيچوئل، (يعني دمشقي مدامي). هي وڻ قد جو بندرو ۽ گل وڏا پيالي جي شڪل جا ٿا ٿينس. هي قلمن سان ٿئي ٿو. ٻيو، هائبرڊ پَر پيچوئل؛ (يعني گڊا مدامي). هي وڻ ولايت ۾ سڀ کان عمدا سمجهيل آهن، جو قد توڙي رنگ، توڙي خوشبوءِ توڙي جٽاءَ ۾ سڀني کان سَرس آهن. بهار جي موسم ۾ هنن جي ڇانگ ڪرڻ گهرجي. ٽاريون وڍي ٽينءَ چوٽينءَ پتيءَ جيتريون باقي ڇڏجن. آڪٽوبر ۾ ڇانگ ڪجي ۽ نومبر ۾ قلم هڻجن. هن قسم جون تمام گهڻيون ذاتون آهن، جن جانالا به عجيب آهن ۽ اڪثر وڏن وڏن ماڻهن جي نالن جهڙا نالا اٿن. ٽيون، بوربون روزز (يعني بوربون جا گلاب). هنن مان ايڊورڊ ۽ ڪوئين نالي مشهور آهن. هنن جا گل خوشبودار آهن ۽ گهڻي تائين جٽاءُ ڪن ٿا. ڇانگ ڪرڻ گهرجين. هنن جون اکيون ۽ قلم لڳن ٿيون. چوٿون، چائنا روزز؛ (يعني چيني گلاب). هن قسم جا وڻ اڪثر قد جا بندرا آهن. هن جا اڇا ۽ کهنبا گل هتي گهڻا ٿين ٿا، جي هلڪا ۽ يڪا ٿيندا آهن. هڪڙي کي ته ننڍڙي قد جي ڪري فيئري ڪوئين (يعني پرين جي راڻي) چون ٿا. پنجون، ٽي سينٽيبل روزز؛ (چانهه جي بوءِ وارا گلاب). هن قسم جا وڻ ننڍي قد وارا ۽ تمام نازڪ ٿين ٿا. انهن جي گلن ۾ چانهه جهڙي باس ٿيندي آهي. هي گهڻن رنگن جا ٿيندا آهن ۽ ڌاڍا سهڻا لڳندا آهن. ڇهون؛ نائزيٽ، هن کي اصل گڊو گلاب چون ٿا. ننڍن ۽ ڀريلن گلن جا ڇڳا جهليندو آهي. هن جي قسم وارا وڻ هميشھ گل ڪندا آهن پر فيبروريءَ جي مهيني ۾ سندن رونق گهڻي هوندي آهي. هي به گهڻن ئي رنگن جا آهن ۽ جدا جدا نالا اٿن. هنن مان ڪي چانهه جي بوءِ وارا نائزيٽ به آهن، جي ولين جهڙا ٿيندا آهن. هي وڏيرڙا گل ڪندا آهن. ستون، مَسڪ روزز، (يعني مُشڪي گلاب). هن کي هندستاني ماڻهو سيئوتي سڏيندا آهن. هي گلاب هندستان جي ڪن ٽَڪرن ۾ جهنگلي به ٿيندو آهي. هن جو وڻ ڇهن ستن فوٽن جيڏو به ٿيندو آهي. ايران ۾ ته هن گل جا وڻ ٽيهه فوٽ وڏا به ڏٺا ويا آهن. هن جا گل ننڍڙا ميرانجهڙي اڇي رنگ جا آهن. هن ۾ هڪڙي قسم جي خوشبوءِ ٿيندي آهي، جا مُشڪ يا کٿوريءَ کي اچي ويجهي پوي ٿي. تنهنڪري ته مشڪي نالو پيو اٿس.<ref>ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
</ref>ڪي قسم جهڙوچانهه جي بوءِ وارا نائزيٽ ۽ ڪي ٻيا ولين جهڙا ٿيندا آهن ۽ جي ٻين شين تي چڙهي ويندا آهن. انهن جي ٽيڪ لاءِ بانس جا پڃرا ٺاهڻ گهرجن. يا ته وڻ جي چوڌاري بانس جون چيريل پٽيون، يا سنهڙيون لٺيون کوڙي وڃجن. پوءِ وڻ جون ٽي چار وڏيون ٽاريون ڇڏي، ٻيون سڀ ڇانگي ڇڏجن. باقي بچيل ٽارين کي هٿ سان وٺي ڪاٺين تي وڪڙ ڏئي چاڙهي ڇڏجن، ته پاڻهئي چڙهڻ سکي وينديون. هيٺان گاهه پٽي صاف ڪري ڇڏجي ته پاڻي ۽ ڀاڻ ڏيڻ ۾ سولو ٿئي.
ايراني گلاب جا گهڻا ئي قسم آهن، جن جا ڪي مشهور نالا هيٺ ڏجن ٿا: گل پياده (هن ۾ بوءِ ڪا نه ٿيندي آهي). گل رعنا، (هي ڏاڍو خوشبوءِ وارو گل آهي). گل سوري، (هي زردي رنگ جو گلاب آهي). گل صد برگ، هي وڏو ڊبل گل آهي، جنهن جو مٿي به اشارو ڏنو ويو آهي). گل بي فرمان، (هي ڦڪي ڳاڙهي رنگ جو آهي). گل ليُسوري، (هي به چڱن گلن مان هڪڙو آهي). گل دو رنگ، (هي ٻن رنگن وارو گلاب آهي).<ref>ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
</ref>