چونرا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
چؤنرا
چئونرن جا به مٽرن وانگي گهڻا ئي قسم آهن. ڪي ولايتي آهن ڪي هتي جا آهن. ڪن جون ڦريون وڏيون ۽ ڪن جون ننڍيون ٿيون ٿين. ڪي جا داڻا وڏا ۽ ڪن جا ننڍا؛ ڪن جا گول، ڪن جا بُڪيءَ جي شڪل جهڙا ۽ ڪن جا چوڪنڊا ٿيندا آهن.'
 
ٻج اڪثر آڪٽوبر ۽ نومبر مهيني ۾ پوکبو آهي. وڏي قد جو ٻج ته پهريائين گرم پاڻيءَ ۾ ٻارهن ڪلاڪ ڀڄائي پوءِ پوکيندا آهن نه ته ڦٽندو ئي ناهي. ٻج زمين ۾ ٻه انچ اونهون وجهندا آهن ۽ ٻن ٻن فوٽن تي ٻٽيون چريون کڻندا آهن. جڏهن ٻور ۽ گل ڪن تڏهن انهن جون چوٽيون انچ جيترو ڇني ڇڏجن ته ڦرين ڪڍڻ ۾ زور رکن. ٻج پهرين ڪونڊين ۾ پوکي پوءِ ڪڍي زمين ۾ رکڻ چڱو آهي.
 
ڪن قسمن کي ٽيڪ جو کپ ڪو نه ٿو ٿئي، مگر اڪثر ٽيڪ گهرن ٿا. اهي ولين وانگي ٿين ٿا ۽ ڪدوءَ جي ول وانگي مَنهنَ تي چڙهي ويندا آهن ۽ ڇانوءَ ڪري بيهندا آهن. جڏهن ٻج چرين ۾ پوکبو آهي تڏهن چريون ٻه فوٽ پري ڪبيون آهن ۽ ٻن ٻن انچن تي ٻج هڻبو آهي ۽ هڪڙو انچ هيٺ زمين ۾ گهڙبو آهي. ٽن چئن ڏينهن ۾ ڦٽندو آهي ۽ قريب ڇهن هفتن ۾ تيار ٿيندو آهي. گهڻيءَ اُس لڳڻ ڪري وڻ سست ٿيو پوي ۽ پنن کي جيت لڳيو وڃي. چؤنرن جي لاءِ زمين کي گهڻو ڀاڻ نه گهرجي.<ref>ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: [[سنڌي ادبي بورڊ]] ڄامشورو</ref>
</ref>
 
== حوالا ==