اک جي ماڻڪي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 3:
 
==ماڻڪيء جو ڪم==
ماڻڪي اک جي تاري جي وچ ۾ سوراخ ھوندو آھي جنھن مان روشني اک جي اندر داخل ٿيندي آھي.اک جي تاري کي ايناٽامي ۾ آئرس (Iris) چئبو آهي جيڪو ماڻڪيء جي چوڌاري لسي يا ھموار مشڪ (smooth muscle) وارو سسندڙ يا سڪڙجندڙ بناوٽ ھوندو آھي. آئرس يا اک جو تارو اھڙي طرح ماڻڪيء واري سوراخ کي گھٽ وڌ ڪري اک ۾ داخل ٿيندڙ روشنيءَ جي مقدار کي ڪنٽرول ڪندو آهي.آئرس ۾ لسن مشڪن جا ٻہ گروپ ھوندا آھن: پيوپلاء اسفنڪٽر(sphincter pupillae) ۽ ڊائليٽر پيوپلاء (dialator pupillae).جڏھن اسفنڪٽر پيوپلاء سسندو آھي ته آئرس يا اک جو تارو ماڻڪيء کي ننڍو ڪري ڇڏيندو آهي.ڊائليٽر پيوپلاء ماڻڪيء کي ويڪرو ڪندو آهي.اھڙي طرح انھن جي مدد سان ماڻڪي ننڍي وڏي ٿيندي رھندي آھي ۽ صرف گھربل روشني اک جي اندر داخل ٿيندي آھي.
 
ماڻڪي اوندھ ۾ ڪشادي ۽ روشنيءَ ۾ سوڙهي ٿي ويندي آھي. اونداهي ۾ ماڻڪيء جو قطر يا ويڪر 2 کان 4 ملي ميٽر ۽ روشنيءَ ۾ 3 کان 8
ملي ميٽر ٿي ويندي آھي. انساني عمر جي گروپن ۾ ان قطر يا ويڪر جي صورتحال مختلف ھوندي آھي.15 سالن جي عمر ۾ ويڪر 4 کان 9 ملي ميٽر تائين رھندي آھي 25 سالن جي عمر کانپوءِ فردن فردن ان ويڪر جي ماپ مختلف رھندي آھي.<ref>{{cite web|url=http://amateurastronomy.org/Events/EH361.html |title=Aging Eyes and Pupil Size |publisher=Amateurastronomy.org |date= |accessdate=2013-08-28}}</ref><ref>{{cite web|url=http://www.iovs.org/content/35/3/1132.full.pdf |title=Factors Affecting Light-Adapted Pupil Size in Normal Human Subjects |format=PDF |date= |accessdate=2013-08-28}}</ref>
 
== حوالا ==