تاريخ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 28:
اهو انسان ذات جو سرمايو يا تجربو گهڻن ئي نمونن جو آهي. قديم زماني جي ابتدائي ڏينهن کان وٺي جڏهن انسان ذات حيواني حالت کان مٿي چڙهي، تڏهن کيس زندگيءَ جي جدوجهد ۾ فتح حاصل ٿي ۽ حيواني دنيا تي سندس تسلط قائم ٿيو. تنهن کان سواءِ ڊگهي عرصي جي آزمائش ۽ تجربي جي ڪري کيس قدرت جي جماداتي سرماين جو مالڪ بڻايو ويو ۽ منجهس اهليت ۽ قابليت پيدا ٿي، جو برپٽن ۾ به پنهنجي کاڌي، اجهي، ڪپڙي ۽ آرام جو سازو سامان مهيا ڪري سگهيو. وڏي ڳالهه ته منجهس اها لياقت پيدا ٿي ته ڪيئن ٻين انسانن سان معاشري ۾ گڏ رهي ڳوٺ، شهر ۽ ملڪ ٺاهي، صنعتون ۽ هنر، علم ادب ۽ تعليم، فلسفي ۽ مذهب جو ڪيئن واڌارو ڪري. اهو سڀ انساني تجربو تاريخ جو موضوع آهي. تاريخ انسان جي هر پهلوءَ جي ارتقا جو نقشو آهي ۽ سندس وڌندڙ طاقت ۽ سندس مرحليوار خودشناسيءَ جو بيان آهي. اصل ۾ تاريخ انسان ذات جي اجتماعي ذهن جو (مسلسل) قصو آهي.<ref>ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو;
تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو</ref>
 
 
==تاريخ جا سرچشما يا مآخذ==
 
[[File:Historybooks.JPG|380px|thumb|بڪ اسٽال تي رکيل تاريخ جا ڪتاب]]
تاريخ کان اڳ واري زماني بابت ڪجهه ويچار ۾ آڻجي، ان کان اڳ اچو ته ڏسون ته اهي ڪهڙا مکيه مآخذ آهن، جيڪي اسان کي گذريل ست هزار ورهين جي تاريخ لکڻ ۾ عمومي مدد ڪن ٿا. مشرق وسطيٰ يعني: مصر، بابل، آشور، ايشيا صغير ۽ قريط جي قديم تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ لاتعداد پٿر تي لکيل ڪتبا ۽ مٽيءَ جي وڏين سـِـرن تي اُڪريل لکتون آهن. پر انهن مان ڪي اڃا پڙهڻ جوڳا نه آهن. بعد جي زماني جي تهذيبن بابت، (مشرقي ۽ مغربي) اسان وٽ اهي دستاويز يا سندن نقل موجود آهن، جي اصل کـَـلـُـن يا ”پاپي روس“ ٻوٽي جي ورقن تي لکيل آهن. هاڻوڪي زماني ۾ ڪاغذ ۽ ڇاپي جي مشين اسان لاءِ ايترو گهڻو مواد موجود ڪيو آهي، جو تاريخ نويس تاريخي علم جي ڪثرت ۽ رڱاوت کي ڏسي منجهيو ٿو پوي. ان ڪري هر زماني جي تاريخ لکڻ جو مسئلو مختلف آهي. قديم زماني جي تاريخ لاءِ مسئلو آهي ته ڪيئن اهي ڪتبا پڙهي سمجهيا وڃن ۽ سندن معنيٰ ڪڍي وڃي. هاڻوڪي زماني جي تاريخ لکڻ واري لاءِ اهو مسئلو درپيش آهي ته، جيڪو مواد موجود آهي ان مان ڪهڙو انتخاب ڪجي (جو سچو ۽ معتبر هجي). جيڪڏهن هڪڙي خيال کان هن زماني جي تاريخ لکڻ لاءِ مواد ملڻ آسان آهي ته وري ٻئي خيال کان مشڪل آهي، ڇو ته (هاڻوڪي زماني جي تاريخ لکڻ لاءِ) بي ريا ٿي لکڻ مشڪل تر آهي. اڄ ڪلهه جي تاريخ نويس جو ذاتي لاڙو سندس علم ۾ داخل ٿئي ٿو. سندس سياسي خيالات، مذهبي عقيدا، قومي بدظني، اهي سڀ سندس بي ريا راءِ کي رياڪار بنائين ٿا ۽ سندس وسيع نظريءَ ۾ حائل ٿين ٿا. قديم زماني جي تاريخ لکندڙ انهيءَ خطري کان نسبتاً خالي آهي. هو بنا ڪنهن جذبي جي شهنشاهتن جي عروج ۽ زوال تي غور ۽ فڪر ڪري سگهي ٿو ۽ جاچي سگهي ٿو. مذهبي عقيدن جي هڪٻئي سان ٽڪر ۽ تبديليءَ کي چڱيءَ طرح پروڙي سگهي ٿو. بي جذباتي علم لاءِ تاريخ کان اڳ جي خاموش دنيا جا آثار هڪ آزاد ترين ميدان آهي ۽ انهيءَ ميدان ۾ ئي خاص ڪري ويهين صدي (عيسوي) جي شروعات کان وٺي، تاريخ جي علم شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. (هن ڪتاب جي) ضخامت جي محدود هئڻ ڪري، هت ان علم جي مختصر بيان کان وڌيڪ درج نٿو ڪري سگهجي.
تاريخ کان اڳ وارو زمانو:
علم هيئت جي ڄاڻـُـن جو چوڻ آهي ته شايد 3,000,000,000 (ٽي ارب) ورهيه اڳ سڄو شمسي نظام هڪ گئس جو تيز گرمي سان ٻرندڙ جسم هو. ڪنهن نموني سان، شايد ڪنهن وڏي ستاري جي ويجهي اچڻ ڪري، اهو جسم منتشر ٿي سج سميت اٺن گرهن يا سيارن ۽ پنج سؤ ننڍن تارن ۾ ورهائجي ويو. ننڍا جسم وڏن کان جلد ٿڌا ٿي ويا ۽ شايد 1,000,000,000 (هڪ ارب) ورهين کان پوءِ هڪ سخت مٿاڇرو ڌرتيءَ جي سطح تي ٺهڻ شروع ٿيو. لکين سالن کان پوءِ ڌرتيءَ تي بارش پوڻ ڪري وڏا سمنڊ ٺهيا ۽ انهن وڏن سمنڊن ۾ لاتعداد زمانن کان پوءِ زندگيءَ جا آثار نمايان ٿيا.(1)
ان کان پوءِ علم حيوانات جا ماهر ان تاريخ تي روشني وجهي اسان کي ٻڌائين ٿا ته ڪهڙي طرح ابتدائي حيوانات آهستي آهستي ترقي ڪري لکين سالن جي مدت اندر مڇيون، ڪرڙيون، پکي، کير پياڪ جانور بڻيا ۽ آخر ۾ انسان جي حالت کي پهتا. قديم ترين آثار جيڪي هٿ لڳا آهن، انهن مان هڪ اها آهي کوپڙي، جا انساني کوپڙيءَ سان گهڻين ڳالهين ۾ مشابهت رکي ٿي.ان کي ”پـِـٿيڪان ٿروپـَـس“ (Pithecanthropus) يعني ”ڀولڙو انسان“ سڏيو ويو آهي. اها کوپڙي سن 18922 عيسويءَ ۾ جاوا ۾ زمين هيٺان کوٽي ڪڍي ويئي هئي. سڀئي ان ڳالهه تي متفق آهن ته اُها مخلوق يا اهو حيوان، جنهن جي اها کوپڙي آهي، سو علم طبقات الارض جي Oliocene زماني ۾ رهيو هوندو. اهو زمانو 550,000 (ساڍا پنج لک) ورهيه اڳ ختم ٿيو. هائڊيلبرگ (جرمني) شهر جي ويجهو 19077 عيسويءَ ۾ جيڪا کوپڙي لڌي ويئي هئي ۽ جيڪا سڄي پر حيواني انسان جي کوپڙي هئي، سا به هن کان گهٽ قديم ناهي. 1912 عيسويءَ ۾ وري پلٽ ڊائون (Piltdown) ]انگلينڊ[ ۾ هڪ تمام جهوني کوپڙي لڌي ويئي. هن وقت تائين سندس زماني متعلق اڃا ڪو اتفاق راءِ نه ٿيو آهي. ”علم الانسان“ جي ڪن ماهرن جو رايو آهي ته اهو دور جاوا ۽ هائڊيلبرگ وارن زمانن جي وچ ۾ آهي. ٻين جو خيال آهي ته اها کوپڙي 100,000 (هڪ لک) ورهين کان ٿورو وڌيڪ قديم زماني جي آهي.(1)
 
==حوالا==