هالا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 13:
== تاريخ ==
هاڻوڪن پراڻن هالن جي ڀرسان هڪ تلاءُ هوندو هو، جنهن جي ڀرسان هالا قوم پنهنجي رهڻ لاءِ ڳوٺ ٻڌايو، جنهن صورت ۾ ڪنڊ جي معنى آهي تلاءُ، انهيءَ ڪري ڳوٺ تي نالو پيو ”هالا ڪنڊي“ ان ڳوٺ جي بلڪل لڳ ”ٽوڙيء“ نالي ڳوٺ هو، جتي مخدوم نوح جا وڏا اچي آباد ٿيا هئا. مخدوم نوح به ان ڳوٺ ۾ ئي تولد ٿيو. هالا نوان مخدوم نوح جي اولاد مان مخدوم مير محمد 1140هه ۾ ٻڌايو، ڇاڪاڻ جو پراڻن هالن کي ٻوڏ جو خـطرو هو. نئين شهر تي ”مرتضى آباد“ نالو رکيو ويو، پر جيئن ته هي شهر ”هالا“ جو بدل هو، تنهنڪري هن تي عام نالو ” هالا نوان“ ۽ پراڻي شهر تي ” پراڻا هالا“ مشهور ٿي ويو.
 
هاله ڪنڊي (هالا)
اٺين هجري صديءَ جي وچ ڌاري سمن جي راڄ جي شروعات ۾ جڏهن سنگهار سمو سندن سردار هو، تڏهن هن ملڪ وڌايو ۽ ڪڇ کان وٺي هالا ڪنڊيءَ تائين ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندائين. سنه 908هه (سنه 1502ع) ڌاري جڏهن مرزا شاهه حسن ڄام فيروز سان چاچڪان وٽ وڙهي هن کي ڀڄايو، تڏهن ٺٽي ۽ تغلق آباد مان ٿي هاله ڪنڊيءَ آيو ۽ اتان بکري ڏي ويو. سنه 968هه (سنه 1589ع) ۾ اڪبر بادشاهه جي حڪم سان نواب خان خانان مرزا جاني بيگ سان وڙهڻ لاءِ آيو. سيوهڻ وٽ ٻنهي جي جنگ لڳي ۽ مرزا شڪست کاڌي. جنگ تي اچڻ کان اڳي خان خانان کي ڊپ هو ۽ فتح جي اميد ڪانه هيس. ڪن ماڻهن جي صلاح تي هو هاله ڪنڊيءَ آيو، جتي مخدوم نوح تازو وفات ڪئي هئي. مرزا جاني توڙي خان خانان کي انهيءَ جي معذرت ڪرڻي هئي؛ پر فقيرن چيو ته ٻنهي مان جيڪو پهرين اتي ويندو ۽ معذرت ڪري دعا گهرندو، سو فتحياب ٿيندو. ٻنهيءَ انهيءَ پاسي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خان خانان پهرين اتي پهتو ۽ نيٺ فتح به ڪيائين. سنه 1197هه (سنه 1782ع) ۾ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي کي مير بجار خان حيدرآباد مان سڏائي گاديءَ تي وهاريو. جڏهن هو هالا ڪنڊيءَ ۾ آيو، تڏهن مير وڃي گڏيس ۽ ٻيا سردار به اتي آيا. پوءِ سڀ مخدوم نوح جي درگاهه تي ويا ۽ اتي ميان کي پڳ ٻڌايائون ۽ اتان خدا آباد وٺي وڃي ميان محمد سرفراز جي جاءِ تي ويهاريائون. سنه 1201هه (سنه 1612ع) ۾ مرزا غازي بيگ جي مرڻ کان ٿورو اڳي خسرو خان چرڪس جي زور وٺڻ تي مرزا جي حڪم سان هندو خان وڃي هن کي گرفتار ڪيو ۽ ٻارن ٻچن سميت قيد ڪري هاله ڪنڊيءَ وٺي آيس ۽ اتان پوءِ قنڌار وٺي ويس. سنه 1259هه (سنه 1843ع) ۾ جڏهن سرچالس نيپئر ميرن سان وڙهڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن نوشهري کان هلي پهرين هالن ۾ منزل ڪيائين، پوءِ 17 تاريخ محرم جي جمعي جي ڏينهن يعني 17 تاريخ فيبروريءَ جي اتان نڪتو ۽ ڦليليءَ تي مياڻيءَ وٽ ميرن سان وڙهيو ۽ جنگ کٽيائين ۽ پوءِ حيدرآباد جو قلعو ورتائين.<ref>قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</ref>
 
== اچ وڇ ==