نوبل انعام: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 16:
هن ڪيتريون ئي خيراتي اسپتالون ۽ ادارا قائم ڪيا ۽ غريبن جي مالي امداد ڪندو رهيو. بدقسمتي سان نوبيل جي پنھجي زندگي سُٺي نه گذري. اُن ڪيترائي ڀيرا شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر هر ڀيري ڪا نه ڪا روڪاوٽ سامھون اچي ٿي وئي. الفريڊ نوبيل جن عورتن سان شادي ڪرڻ چاھيندو ھُئو اُن ۾ ٻه نالا اهم آهن هڪ ”صوفي ھيس“ ۽ ٻئي ھئي ”برٿافان سٽنر“. صوفي ھيس عمر ۾ نوبيل کان ڪافي ننڍي هئي، پر اُن سان شادي نه ٿي سگھي. برٿافان سٽنر، نوبيل جي اشتھار جي ذريعي جيڪو اُن سيڪريٽري جي تلاش ۾ ڏنو هو اُن سان ملي هئي ۽ پنھجي پسند جي ماڻھو سان شادي نه ٿيڻ ڪري پريشان هئي، ائين هو نوبيل جي طرف ڇڪجي آئي پر ڪجھ وقت کانپوءِ اُن جي شادي اُن ماڻهو سان ٿي وئي جنھن کي هو پسند ڪندي هئي ۽ نوبيل هڪ دفعو ٻيھر اڪيلو رهجي ويو. برٿافان سٽنر هڪ سُٺي ليکڪا هئي، اُن ڪيترائي ڪتاب ليکا جن ۾ هڪ ڪتاب ”پنھجا هٿيار ڦٽا ڪريو“ هو. هي ڪتاب 1889ع ۾ ڇپيو هو.هن ڪتاب جو شمار جنگ جي خلاف لکجڻ وارن ڪتابن ۾ ٿئي ٿو. هن ڪتاب الفريڊ نوبيل کي ڪافي متاثر ڪيو. هن ڪتاب جي مطالعي کانپوءِ اُن برٿافان سٽنر کي لکيو ته ”مان پنھجي دولت جو هڪ حصو هڪ انعام لاءِ وقف ڪرڻ چاھيان ٿو. هي انعام پنجن سالن کانپوءِ اُن ماڻهو کي ڏنو ويندو، جيڪو دنيا مان جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو يا جنھن دنيا جي امن لاءِ تحريڪ هلائي هوندي. 30 سالن ۾ رڳو ڇھه ڀيرا اهو انعام ڏنو ويندو، جيڪڏھن اان ڊگھي عرصي کانپوءِ به دنيا مان جنگ ختم نه ٿي ته پوءِ انسان وحشي بڻجي ويندو ۽ پوءِ هن انعام جي ضرورت باقي نه رهندي“.
 
اُهو هيو نوبيل جي دماغ ۾ بين الاقوامي انعام قائم ڪرڻ جو پھريون تصور. تنھنڪري جڏهن هو 27 نومبر 1895ع ۾ پنھجي وصيت نامي جي تڪميل لاءِ ويٺو ته ان پنھجي پوري زندگي جي خيالن ۽ تمنائن جو اظهار هن نموني سان ڪيو جو هن پنھجي سموري دولت ۽ ملڪيت جيڪا اُن وقت 1500000 پائونڊ ۽ اڄڪلھ جي 6600000 پائونڊن جي برابر آهي هڪ ”نوبيل فائونڊيشن“ قائم ڪري ڇڏي ۽ اُن فائونڊيشن مان حاصل ٿيندڙ رقم مان پنج انعام قائم ڪري ڇڏيا، جيڪي هر سال فزڪس، طب، ڪيميا، امن ۽ ادب جي شعبن ۾ ڏنا ويندا. [[File:Alfred Nobels will-November 25th, 1895.jpg|thumb|left|alt=A paper with stylish handwriting on it with the title "Testament"|الفريڊ نوبيل جي وصيحت جنھن ۾ ھدايت ڪئي ھئائين ته سندس سمورن اثاثن مان 94 پرسنٽ نوبيل پرائيز قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن.]]
 
نوبل جي وفات 10 ڊسمبر 1896ع ۾ ٿي. هڪ مهيني کانپوءِ 1897ع ۾ جڏهن اُن جي وصيت نامي کي کوليو ته سڄي دنيا نوبيل جي اهڙي خواهش کي ٻُڌي ڪري حيران رهجي وئي. ڇاڪاڻ ته نوبيل جي دولت مختلف مُلڪن ۽ مختلف ڪاروبارن ۾ لڳل هئي، اُن ڪري اُن جي دولت کي اُن جي خواهش مطابق نقد شڪل ۾ منتقل ڪرڻ ۾ گھڻو وقت لڳو. اُن کانسواءِ نوبيل جا ڪجھ مائٽ به قانوني ڳالھين ۾ مصروف رھيا. اُن ڪري اُنھن سان به معاهدو ڪيو ويو ۽ ائين نوبل جي وفات کانپوءِ 1901ع تي اُنھن پنجن ئي شعبن ۾ انعام ڏيڻ شروع ٿيو. اُن سال فزڪس جو نوبيل انعام جرمني جي ”وليم رونتجن“، ڪيميا جو ھالينڊ جي ”جيڪب ھينڊرس وان هاف“، ادب جو فرانس جي ”سلي پرادهي“، طب جو جرمني جي ” ايمل بيرنگ“ ۽ امن جو نوبل انعام ريڊ ڪراس جي باني سوسٽرزلينڊ جي ”هينري ڊونان“ ۽ فرانس جي ”فيڊرڪ پاسي“ کي گڏيل طور تي ڏنا ويا. 1968ع تائين انھن پنجن شعبن ۾ نوبيل انعام پيش ٿيندا رھيا. 16 مئي 1968ع تي نيشنل بئنڪ آف سوئيڊن اعلان ڪيو ته بئنڪ جي انتطاميا اقتصاديات ۾ هڪ ”نوبيل ميموريل“ انعام جاري ڪري رھي آهي، هي انعام ماليت ۽ اعتبار کان هڪ نوبيل انعام جي برابر هوندو. تنھڪري 1969ع کان اقتصاديات ۾ به نوبيل انعام جي شروعات ٿي. ائين نوبيل انعام حاصل ڪرڻ ڪنھن انسان جي وڏي ۾ وڏي خواهش سمجھي ويندي آهي، پر دنيا ۾ چار ماڻھو اهڙا آهن جن ٻه ٻه ڀيرا نوبيل انعام حاصل ڪيو آهي، اُنھن ۾ هڪ فرانس جي مشھور خاتون سائنسدان مادام ڪيوري 1903ع ۾ فزڪس جو ۽ 1911ع ۾ ڪيميا جو نوبيل انعام حاصل ڪيو. ٻيو آمريڪا جي ”ڊاڪٽر لائينس ڪال پالنگ“ 1954ع ۾ ڪيميا جو ۽ 1962ع ۾ امن جو نوبيل انعام حاصل ڪيو. <ref>[http://sindhexpress.com.pk/epaper/index.aspx?Issue=NP_HYD&Page=Magazine012&Date=20170602&Pageno=13&View=1 نوبيل انعام جي ڪھاڻي، ڊاڪٽر يوسف سومرو] روزآني سنڌ ايڪسپريس، حيدرآباد، جمعو، 2 جون 2017</ref>