صيهونيت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: {{مبسس4}} <big>صيهونيت (Zionism) مان مراد آهي يهوديت يا يهودين جي سياسي ۽ مذهبي تحريڪ. هن نظريي يا تحريڪ جي...
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
<big>صيهونيت (Zionism) مان مراد آهي يهوديت يا يهودين جي سياسي ۽ مذهبي تحريڪ. هن نظريي يا تحريڪ جي اصل شروعات ته پهرين صدي عيسويءَ دوران، يهودين جي، وچ اوڀر مان جلاوطنيءَ سان ٿي، جيڪا مختلف روپن ۾ صدين تائين جيئري رهي. جديد صيهوني تحريڪ جي شروعات 1897ع ڌاري '''سئٽزرلينڊ''' جي شهر '''بيسل''' (Basle) ۾ سڏيل '''عالمي يهودي ڪانگريس''' ۾ ٿي. آسٽرو-هنگريائي رياست جي شهر '''پيسٽ''' ۾ ڄاول مشهور صيهوني صحافي ۽ اڳواڻ '''ٿيوڊورهَرزل''' 1896ع ۾ '''يهودي رياست''' (Der Jude Stat) جي عنوان سان پمفليٽ لکي، هن تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. هن نظريي جي سلسلي ۾ کيس اوڀر يورپ مان به سٺي حمايت حاصل ٿي. صيهونيت يا زاينزم جو مقصد دُنيا ۾ يهودين لاءِ هڪڙي رياست قائم ڪرڻ هو، جيڪا قدامت پسند يهودي نظريي موجب سندن مفادن جو بچاءُ ڪري ۽ کين پنهنجي عقيدي مُوجب زندگي گذارڻ جو حق ملي. هن تحريڪ جو پورائو 1948ع ۾ ٿيو، جڏهن وچ اوڀر ۾ اسرائيل وجود ۾ آيو.</big>
<ref>[http://dic.sindhila.edu.pk/define/Zionism.php Zionism | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
{{حوالا}}