بڪي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 6:
جسم جي ٻين سڀني عضون جي مقابلي ۾ بڪين جي هر گهڙيءَ مان سڀ کان وڌيڪ رت گذرندو آهي، انهن گلو ميرولائي ۾ رت جو داٻ وڌيڪ هئڻ ڪري رت مان پاڻي ڇاڻڻ وسيلي بومين ڪيپسول ۾ داخل ٿي مڙيل ٽيوبن ۾ هلڻ لڳندو آهي، ٽيوبن جي پاسي واريون وار نليون ان مان ضروري لوڻ ۽ فالتو پاڻي واپس رت ۾ ڇڪي وٺنديون آهن ۽ باقي پيشاب رهجي ويندو آهي، جيڪو گهاٽو ٿي مثاني ڏانهن اچي ٿو. سنهڙين نلڙين ۾ موجود پاڻي واپس رت ۾ موڪلي بڪيون جسم کي مناسب گهميل رکڻ ۾ مدد ڏين ٿيون، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پگهر اچي ٿو پر اهو وڌيڪ پاڻي نه پيئندو هجي ته بڪيون پاڻ مرادو وڌيڪ پاڻي رت ۾ موٽائينديون آهن، بڪين جون اهي نالڙيون رت ۾ تيزاب جي مقدار کي به ڪنٽرول ڪن ٿيون، جيئن ته رت کاري (پي ايڇ = 704) هوندي آهي ۽ خراب مادا وڌيڪ تيزابيت پيدا ڪندا آهن، جنهن ڪري بڪيون انهن کي جلدي خارج ڪنديون آهن ۽ انهيءَ طريقي سان رت جو کاراڻپڻو قائم رهي ٿو.
 
بڪين جون وار نلڙيون جسم ۽ رت ۾ زهريلي دوائن، فالتو لوڻن ۽ جراثيمن جي زهر ۽ باقي مادن وغيره کي به خارج ڪنديون رهن ٿيون، اهي تمام ننڍڙيون وار نلڙيون هر بڪيءَ جي اندروني حصي ۾ گڏجي وينديون آهن، پيشاب اتان هيٺ ٻن نالين ۾ وڃي ٿو. انهن کي يوريٽر يعني پيشاب ناليون چئبو آهي. اهي ٻنهي پاسي بڪين مان پيشاب کي مثاني تائين پهچائين ٿيون، اهي ناليون پيٽ جي پوئين ڀت سان گڏوگڏ مثاني جي پوئين پاسي وڃي کلن ٿيون، مثاني جو ڪم پيشاب گڏ ڪرڻ آهي، جتان خواهش مطابق ٻاهر خارج ڪيو وڃي ٿو. <ref>[http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Science_n_Tech/Book2/Book_page1.html Sindhi Adabi Board Online Library (Science_n_Tech)<!-- Bot generated title -->]</ref>
<ref>ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا</ref>