اڪيلائي جا ھڪ سؤ سال: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: هسپانوي ٻوليءَ جي مشهور ناول نويس ۽ ڪهاڻيڪار، گئبريل گارشيا مارڪئيز جي مشهور ناول “One Hundred Years of So...
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 1:
هسپانوي ٻوليءَ جي مشهور ناول نويس ۽ ڪهاڻيڪار، گئبريل گارشيا مارڪئيز جي مشهور ناول “One Hundred Years of Solitude” جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، [[سنڌي ٻولي|سنڌي ٻوليءَ]] جي نامور ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نويس، براڊڪاسٽر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي سيڪريٽري مراد علي مرزا، ”-اڪيلائيءَ جا هڪ سؤ سال-“ نالي سان ڪيو آهي، جيڪو سنڌيڪا اڪيڊميءَ، ڊيمي سائيز جي 354 صفحن تي مشتمل، 2000ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 160 رپيا آهي. هيءُ ناول ويهين صديءَ جي پوئين اڌ جو شاهڪار ناول آهي، جنهن کي 1982ع ۾ ادب جو نوبل -انعام- مليو. هيءُ ناول اصل ۾ هسپانوي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو ۽ بعد ۾ دنيا جي پنجٽيهن ٻولين ۾ -ان- جو ترجمو ٿيو آهي ۽ اُن جو هي سنڌي ترجمو، ڇٽيهين ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي. گارشيا مارڪئيز جي هن ناول توڙي ٻين تخليقن مان پبلو نرودا چواڻي ”سندس وطن جي مٽيءَ جي ڀنل خوشبوءِ اُٿندي محسوس ٿئي ٿي“. هن ناول ۾ اُتان جي خانه بدوش جپسين، مظلومن ۽ مسڪينن جي حالت بابت ذڪر ڪيل آهي. هن ناول جون، دنيا اندر هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڪاپيون ڇپجي چڪيون آهن. گارشيا مارڪئيز کي نوبل -انعام- ڏيندڙ بورڊ، پنهنجي -انعام- ڏيڻ واري اعلان ۾ چيو هو ته: ”گارشيا مارڪئيز جي ناولن ۽ ڪهاڻين ۾ اچرج جهڙين حقيقي ڳالهين کي بيحد خوبصورت تصوراتي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي، -جن- جي ذريعي هڪ وڏي کنڊ جي زندگيءَ ۽ اُن جي تضادن جي ڀرپور ترجماني ڪيل آهي.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%DA%AA%D9%8A%D9%84%D8%A7%D8%A6%D9%8A%D8%A1%D9%8E%20%D8%AC%D8%A7%20%D9%87%DA%AA%20%D8%B3%D8%A4%20%D8%B3%D8%A7%D9%84 اڪيلائيءَ جا هڪ سؤ سال : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}