اٽڪ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: ضلعي ڪيمبلپور جو نئون نالو، جيڪو 1978ع ۾ رکيو ويو. هيءُ پنجاب جي اترئين حصي جو هڪ نهايت اهم هنڌ آهي،...
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 1:
ضلعي ڪيمبلپور جو نئون نالو، جيڪو 1978ع ۾ رکيو ويو. هيءُ پنجاب جي اترئين حصي جو هڪ نهايت اهم هنڌ آهي، -جتي- سنڌو درياءُ ۽ ڪابل درياءُ ڪُنڊيالي ماڳ وٽ اچي گڏجن ٿا ۽ ٻن رنگن جو ڌار ڌار -پاڻي- وهندو نظر اچي ٿو.
هتي 1581ع ۾ شهنشاهه اڪبر هڪ مضبوط قلعو ٺهرايو هو، جيڪو اڃا تائين موجود آهي. اڳ ۾ سنڌو درياءَ کي هن گهيڙ وٽان -پار- ڪيو ويندو هو. هتي ٻيڙين جي پل هوندي هئي. هيءُ ماڳ هن وقت به تاريخي حيثيت رکي ٿو. هن جڳهه کي ’دارالهند‘ به چوندا هئا، پر پوءِ -اٽڪ- ئي عام لنگهه ٿي ويو. جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ’ريدڪ يا رنڊڪ‘ سنڌوءَ جو وهڪرو -افغانستان- کان ايندڙ لشڪرين آڏو قدرتي ۽ مستقل ’-اٽڪ-‘ بڻجي ٿو. -ان- ئي سبب کان هتي مستقل فوجي ڇانوڻي ٺهي جنهن جي چوڌاري هوريان هوريان شهر -آباد- ٿي ويو. هتي درياءَ تي هڪ نهايت مضبوط لوهي ريلوي پل آهي. هن شهر ۾ ٻاجهريءَ ۽ ڪڻڪ جي زرعي منڊي آهي. هتي هيلي ڪاپٽر ۽ مِراج جهازن جي مرمت وغيره جو اڏو پڻ آهي، جيڪو 1978ع ۾ قائم ٿيو هو.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%BD%DA%AA اٽڪ : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}