اندرا گانڌي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 9:
 
==سياست==
21 سالن جي عمر ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جي رڪنيت اختيار ڪيائين. 1942ع ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جي هڪ سرگرم رڪن ۽ پارسي نوجوان فيروز گانڌيءَ سان شادي ڪيائين. 1947ع ۾ ڪانگريس جي عورتاڻي شاخ جي صدر منتخب ٿي. پنهنجي پيءُ جي ديھانت کان پوءِ آزاد هندستان ۾ لال بهادر شاستريءَ جي ڪابينا ۾ واءُ سواءَ واري وزارت (اطلاعات واري وزارت) ۾ پڻ رهي. 1966ع ۾ ڀارت جي پهرين وزيراعظم چونڊجي آئي. 1967ع ۽ 1971ع ۾ پڻ چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيائين. 1977ع تائين بدستور وزيراعظم جي عهدي تي فائز رهي. 1972ع ۾ هن ئي، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان ”شمله ٺاهه“ ڪيو. 1971ع ۾ سندس جماعت چونڊن ۾، جنتا پارٽيءَ کان شڪست کاڌي، اهڙيءَ طرح هن 22 مارچ 1977ع تي وزارت عظميٰ جي عهدي کان علحدگي اختيار ڪئي. ان کان پوءِ مٿس بدعنوانين جا ڪيترا الزام لڳا ۽ هوءَ گرفتار پڻ ٿي، پر مٿس الزام ثابت نه ٿي سگهيا. سندس گرفتاريءَ، کيس هڪ دفعو ٻيهر مقبول ڪري ڇڏيو ۽ هوءَ 1980ع جي وچ ڌاري ٻيهر اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي؛ ۽ وزيراعظم ٿي ويئي. 1983ع ۾ کيس سکن جي بغاوت کي منهن ڏيڻو پيو ۽ 1984ع ۾ هن سکن جي مشهور ڌرمي عبادتگاهه گولڊن ٽيمپل ۾ موجود ڏهڪاءُ پسندن (دهشتگردن) خلاف فوجي ڪاروائي ڪرائي، جنهن تان سک ڏمرجي ٿيا ۽ برصغير جي هن عظيم عورت ۽ باوقار سياستدان کي 31 آڪٽوبر 1984ع تي شهيد ڪيو ويو. سندس ٻه پٽ راجيو گانڌي ۽ سنجي گانڌي هئا. سنجي گانڌي هڪ فضائي حادثي ۾ مارجي ويو، جڏهن ته راجيو گانڌيءَ کي 1991ع جي چونڊ مهم دوران، 21 مئي تي قتل ڪيو ويو. اندرا برصغير جي سياست ۾ وڏو مقام رکي ٿي. راجيو گانڌيءَ جي گهر واري سونيا گانڌي سندس ننهن آهي، جيڪا هن وقت سندس پارٽي انڊين نئشنل ڪانگريس (Indian National Congress) جي صدر آهي.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%86%D8%AF%D8%B1%D8%A7%20%DA%AF%D8%A7%D9%86%DA%8C%D9%8A اندرا گانڌي : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
==حوالا==