حيدر سنڌيءَ جو پورو نالو ڊاڪٽر غلام حيدر ولد حاجي علي مراد ٻرڙو 5 آڪٽوبر 1939ع تي ڳوٺ مبارڪ ٻرڙي، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. حيدر سنڌي ناليوارو اديب ۽ محقق آهي.

تعليم سنواريو

ڊاڪٽر حيدر پرائمري تعليم ڀرواري ڳوٺ سومر چانڊيي جي اسڪول مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نواب شاهه، بي.اي سچل سرمست ڪاليج نواب شاهه مان پاس ڪري 1969ع ۾ ڊي. سي هاءِ اسڪول نواب شاهه ۾ استاد مقرر ٿيو. ان کانپوءِ سي. ٽي، بي. ايڊ ۽ ايم. اي جا امتحان به ڏنائين. 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس تحقيقي مقالي جو عنوان ’پاڪستان جي صوبائي ۽ علائقائي زبانن ۾ سنڌيءَ جي علمي ادبي ۽ لساني حيثيت‘ هو.

ملازمت سنواريو

ڊاڪٽر حيدر سنڌي 1974ع ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر اسلام آباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. ڪجهه وقت قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز رهيو پوءِ ڊائريڪٽر ٿيو 14 آڪٽومبر 1999ع تي پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. سندس خاص موضوع لسانيات آهي.

ادبي خذمتون سنواريو

سنڌي ٻوليءَ لاءِ سندس ڪيل خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هيءُ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ سجاڳ سنگت موري جهڙين ادبي تنظيمن سان واڳيل رهيو. هو ڪيترو وقت صحافت سان پڻ لاڳاپيل رهيو. سندس سرواڻيءَ ۾ پرڀات، ڦلواڙي ۽ وطن اخبارون جاري ٿيون. هن ڪيترائي تحقيقي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن. سندس هڪ ڪتاب ’ٻولين جا سر چشما‘ ۽ 1988ع ڇپيل آهي. ’بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس‘ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي موقعي تي لسانيات واري سيشن ۾ سندس پڙهيل مضمون ’هندڪو سنڌو ماٿري جي قديم ٻولي‘ سندس بهترين تحقيقي مقالو آهي. ڊاڪٽر صاحب عالمي شهرت يافته مشرقي ٻولين جي ماهر خاتون ڊاڪٽر اينمري شمل جي هڪ انگريزي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي جيڪو ’سنڌي ادب جي ارتقا‘ جي نالي سان 1981ع ۾ شهيد عبدالرزاق اڪيڊمي موري طرفان ڇپيل آهي.

تصنيفون سنواريو

حيدر سنڌيءَ جا هيٺيان ڪتاب پڻ ڇپيل آهن:

  • (1) سنڌ جون چند ذاتيون
  • (2) پاڪستاني ٻوليون
  • (3) شاهه آفاقي شاعـر
  • (4) ٽه زباني لغت
  • (5) ديسي پرديسي گل (ترتيب- افسانا)
  • (6) سنڌي زبان و ادب ڪا ارتقا (اردو)
  • (7) پاڪستان ڪا لساني ورثه (اردو) وغيره.[1]

حوالو سنواريو

حوالا سنواريو