حوت

علم نجوم جو ٻارھون برج

حوت (Pisces پائيسز، مڇيون، حوت برج، مڇي، ڪلين وارا جانور) برج، هڪ آسماني ستارو آهي، نجوم جي علم مطابق ماڻهوءَ جي ايندڙ حالتن ۽ قسمت جو اندازو هن ستاري ذريعي لڳايو ويندو آهي. ان کي علم نجوم ۾ ’برج حوت‘ چوندا آهن.

مڇي، برج حوت جو نشان

تاريخون سنواريو

هن برج جو اثر 19 فيبروري کان 20 مارچ تائين ليکيو ويندو آهي. هن برج جي شڪل مڇيءَ جھڙي هوندي آهي.

لفظي معنا سنواريو

عربيءَ ۾ مڇي کي ’حوت‘ چيو ويندو آهي, هندي جوتش ۾ ان کي ’مين‘ چوندا آهن.

طبيعت سنواريو

علم نجوم موجب هن برج جي اثر وارن ڏينهن ۾ پيدا ٿيل ماڻهو هميشه تبديلين کي خوشيءَ سان قبول ڪرڻ لاءِ تيار رهندا آهن. اهڙن ماڻهن کي جڏهن به موقعو ملندو آهي ته ان مان ڀرپور فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ انتهائي خوشگوار زندگي گذاريندا آهن. [1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012