حميره علواڻي پيپلز پارٽيءَ جي نامور عورت اڳواڻ حيدر علي خواجه جي ڌيءُ، 23 ڊسمبر 1974ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل ۾ تعلقي ميرپور ساڪري، ضلعي ٺٽي جا رهواسي آهن.

تعليم سنواريو

هن سينٽ ميري ڪانوينٽ گرلس اسڪول حيدرآباد مان 1992ع ۾ مئٽرڪ ڪئي. ان بعد سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان 2000ع ۾ ايم. بي. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين.

سياست ۾ پير سنواريو

سندس والد حيدر علي خواجه ابتدا کان وٺي پيپلز پارٽيءَ جو ڪارڪن آهي. هن شاگرديءَ واري عمر ۾ ئي پيپلز پارٽيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. سندس پارٽيءَ لاءِ سچائيءَ ۽ خدمتن کي ڏسندي، شهيد بينظير ڀٽو نه رڳو سندس همت افزائي ڪئي، پر کيس عورتن جي مخصوص سيٽ لاءِ منتخب ڪيو. هيءَ 2002ع وارين چونڊن ۾ ايم. پي. اي چونڊجي آئي.

سياسي خدمتون سنواريو

ان عرصي دوران هوءَ نه رڳو سنڌ اسيمبليءَ ۾ قانون، پارلياماني معاملن ۽ انساني حقن بابت اسٽئنڊنگ ڪميٽين جي ميمبر رهي آهي، پر هن سنڌ اسيمبليءَ ۾ عورتن ۽ ٻارن تي ٿيندڙ تشدد، تعليمي ادارن ۾ ڪاپي ڪلچر خلاف توڙي سماجي ۽ صحت جي مامرن بابت 2008ع کان وٺي ڪيترا خانگي بل پيش پئي ڪيا آهن. ان کان سواءِ حميره علواڻي ڪچين آبادين ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ بابت اسيمبليءَ پاران مقرر ڪيل ڪيترين ڪميٽين جي ميمبر به رهي آهي. هن چئن پنجن سالن کان علواڻي ٽرسٽ جي پليٽفارم تان ڪيترائي فلاحي ڪم ڪيا آهن، خاص ڪري 2010ع جي ٻوڏ دوران ٺٽي ضلعي ۾ هن ٽرسٽ صحت جي حوالي سان جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، سا جس جوڳي آهي. هن وقت به حميره علواڻي مٿئين ٽرسٽ جي بطور گهوڙا ٻاري، ڪيٽي بندر، کاري ڇاڻ ۽ شاهبندر تعلقن واري ساحلي پٽي (Coastal area) ۾ ’ميٽرنل اينڊ چائلڊ هيلٿ پروگرام‘ هيٺ عورتن ۽ ٻارن لاءِ صحت جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. حميره علواڻيءَ جو آغا خاني ڪميونٽيءَ سان واسطو آهي ۽ گارڊن ايسٽ ڪراچيءَ ۾ سندس رهائش آهي.[1]

حوالو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012