حفيظ شيخ
حفيظ شيخ سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار, جو پورو نالو محمد حفيظ شيخ ولد شيخ غلام رسول هو. هن پهرين ڊسمبر 1931ع تي خيرپور ۾ جنم ورتو.
تعليم
سنواريوهن پنجاب يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ ايم. اي ڪئي هئي.
گھرو پس منظر
سنواريوحفيظ شيخ جـو والـد نـو مـسلم هو ۽ جڏهن حفيظ 15 سالن جو هو ته سندس والد 2 فيبروري 1943ع تي وفات ڪري ويو. حفيظ جي والده شاهه بيگم 21 فيبروري 1959ع تي وفات ڪئي. حفيظ کي 6 ڀينرون ۽ ٻه ڀائر هئا. هن 1 جنوري 1971ع تي ڪلثوم سان شادي ڪئي. سنڌ جي مشهور تعليمي ماهر دادي ليلاوتي هرچنداڻي، حفيظ شيخ جي والد غلام رسول شيخ جي سڳي سوٽ آهي.
سخت زندگي
سنواريوحفيظ شيخ هڪ عام ماڻهوءَ واري زندگي گذاري، بوٽ پالش ڪيائين، کٽمٺڙن جو دڪان کوليائين، فوج ۾ ڀرتي ٿيو، اخبار ۾ نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. خانبهادر محمد ايوب کهڙي جو پي. اي ٿيو. اي. پي. پي جو نمائندو ٿيو. فيملي پلاننگ کاتي ۾ ڊويزنل انچارج رهيو.
ادبي لاڙا
سنواريوشيخ حفيظ، سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٽرينڊ سيٽرن مان هو. غلام رباني آگرو، جمال ابڙو ۽ حفيظ شيخ، سنڌي افساني جي اها ٽمورتي هئا، جن سنڌي ڪهاڻيءَ کي نوان موڙ ڏنا. حفيظ شيخ، شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ رشيد ڀٽيءَ جو همعصر هو. هن اياز ۽ تنوير جي سنگ ۾ ’شاگرد‘ رسالي جا ٻه پرچا مرتب ڪيا، جن مان هڪ ’روشن آرا مغل نمبر‘ هو. هو ’نواءِ سنڌ‘ اخبار ۾ 1956ع کان 1957ع تائين نيوز ايڊيٽر به رهيو. 1951ع ۾ ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌي ادبي سنگت کي ٻيو ڀيرو منظم ڪيو ويو ۽ ان جون گڏجاڻيون ميٺارام هاسٽل ڪراچيءَ جي ڪمري نمبر 30 ۾ ٿينديون هيون تڏهن حفيظ شيخ ان دور جي بنيادي ميمبرن مان هو.
تصنيفون
سنواريوحفيظ شيخ جي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ’ساگر جي لهرن تي‘ 1976ع ۾ ڇپيو هو، جنهن جو ٻيو ڇاپو پڻ شايع ٿيو. ان کان سواءِ سندس زندگيءَ، ڪهاڻين، ٻين تحريرن ۽ سندس موت تي همعصرن ۽ دوستن جي تاثراتن ۽ مضمونن تي تفصيلي ڪتاب ’اڇو پکي واءُ ۾‘ جي عنوان سان ناليواري اديب نصير مرزا ترتيب ڏئي، نئون نياپو، سنڌ پبلشنگ هائوس، ڪراچيءَ مان 1997ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن جي زندگيءَ تي ناز سنائيءَ جو پڻ هڪ ڪتاب شايع ٿيل آهي.
وفات
سنواريوحفيظ شيخ شاديءَ کان 10 مهينن بعد 9-نومبر 1971ع تي خيرپور ۾ وفات ڪري ويو. هن کي حيدرآباد ۾ آڻي، اُميدن ڀرئي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. اڄ سندس قبر جو نشان به مٽجي ويو آهي، ڇو ته سندس اُهي دوست نياز همايونيءَ ۽ ٻيا زندهه نه رهيا آهن، جن کيس اُتي دفن ڪرايو هو.[1]
حوالو
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012