حسين بن ابراهيم: ان کان پوءِ بهرام شاهه، حسين بن ابراهيم کي سنڌ جو گورنر ڪري پاڻ غزني موٽي آيو ۽ 53 ــ 1152ع ۾ وفات ڪيائين. تخت جو وارث سندس پٽ خسرو شاهه بڻيو ۽ علاؤالدين غوري سان مهاڏو اٽڪايائين، پر منهن نه ڏئي سگهيو ۽ لاهور هليو آيو جتي 16 ــ 1160ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

حسين بن ابراهيم
غزنوي ايمپائر جو سنڌ ۾ گورنر
کان تائين
پيشرو محمد باھليم
جانشين شھاب الدين غوري جي غزنوي تي قبضي کانپوءِ سنڌ ۾ غزنوي گورنرن جو خاتمو ٿي ويو ۽ پوءِ سيف الملوڪ سنڌ جو گورنر ٿيو
ريجنٽ سلطان بھرام شاھ
پورو نالو
حسين بن ابراهيم
مذھب اسلام

وڌيڪ تفصيل سنواريو

خسرو شاهه کان پوءِ سندس پٽ خسرو ملڪ غزنوي خاندان جو آخري حڪمران لاهور جي تخت تي ويٺو، جنهن ستاويهه سال حڪومت ڪئي ۽ سلطان شهاب الدين غوري هٿان گرفتار ٿي غزني پهتو، اهڙيءَ طرح غزنوي خاندان جي حڪومت پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي..[1].

سنڌ جي غزنوي گھراڻي جي گورنرن جي فھرست سنواريو

حوالا سنواريو

  1. { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page12.html.  Missing or empty |title= (مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }