ابوالقاسم محمود

ابو القاسم محمود: 49 ــ 1048ع ۾ سلطان مودود پنهنجي پٽ ابوالقاسم محمود کي سنڌ جو گورنر بڻائي لاهور روانو ڪيو. ساڳي سال سلطان مودود جو ڪوتوال (پوليس جو بالا آفيسر) ابو علي سنڌ، ملتان، پشاور ۽ ڪشمير جي باغين کي سيکت ڏئي غزني موٽيو.

ابوالقاسم محمود
غزنوي ايمپائر يا سامراج جو سنڌ ۾ گورنر
کان تائين
پيشرو ابو نصر بن محمد
جانشين نوشنگين
ريجنٽ سلطان مودود غزنوي
پورو نالو
ابوالقاسم محمود بن سلطان مودود غزنوي
گهراڻو سبڪتگين وارو
شاھي گھراڻو غزنوي گھراڻو
پيءُ سلطانمودود غزنوي
مذھب اسلام

وڌيڪ تفصيل سنواريو

24 رجب 441ھ (50 ــ 1049ع) ۾ سلطان مودود الله کي پيارو ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ تي سندس ٽن سالن جي صغير پٽ کي تخت تي ويهاريو ويو پر پوءِ سلطان علي بن مسعود کي پڳ پارائي ويئي، جنهن پشاور کان وٺي ديبل واري علائقي تائين قبضو ڪري ورتو..[1]

سنڌ جي غزنوي گھراڻي جي گورنرن جي فھرست سنواريو

حوالا سنواريو

  1. { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page12.html.  Missing or empty |title= (مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }