حجاج بن يوسف کي مليل شڪست

سن 80 ھجري ۾ خليفي عبدالملڪ بن مروان عراق سان گڏ فارس، خراسان ۽ تخارستان به حجاج بن يوسف (Hajaaj bin Yusuf) جي صاحبي ۾ ڏنا. حجاج پاران خراسان تي مھلب بن ابو صفره گورنر مقرر ٿيل ھو، ڪرمان کان اوڀر ۽ اتر طرف طخارستان جنھن کي ھاڻوڪي ايران ۾ سيستان سڏيو ٿو وڃي ۽ ڏکڻ افغانستان جنھن ۾ قنڌار ۽ زرنج وغيره شامل آھن ان تي عبدالرحمان بن محمد بن اشعث بن قيس کي والي مقرر ڪر کيس پورو افغانستان فتح ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي موڪليو. افغان بادشاھن کي رتبيل سڏيو ويندو ھو. عبد الرحمان پھچڻ شرط سخت جنگيون ڪري ڪافي اندر تائين افغاني علائقا قبضي ڪري ورتا, پر سياري شروع ٿيڻ سبب وڌيڪ پيشقدمي روڪي فيصلو ڪيو ته في الحال جيڪو علائقو ھٿ ڪيو آ ان ۾ انتظام درست ڪري وري سيءُ گذرڻ کان پوء اڳتي وڌڻ گهرجي. سندس فوجي سردار ان فيصلي جا حامي ھوا، پر حجاج ان معاملي تي کيس سخت ڇنڊ پٽي. عبد الرحمان جڏنھن حجاج جي حڪمن بابت پنہنجي فوجي سردارن کي ڄاڻ ڏني ته سموري فوج حجاج خلاف بغاوت ڪري عبد الرحمان جي ھٿ تي بعيت ڪري حجاج کي ھٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو. 40 ھزار جو اھو عراقي لشڪر حجاج سان ٽڪر کائڻ لاء بصري ڏانھن نڪري پيو.

ان موقعي تي مھلب بن ابي صفره حجاج کي مشورو ڏنو ھو ته عراقين جو مزاج آھي ته جڏنھن وطن کان پري ھوندا آھن ته پنھجن جي محبت کين ڏاڍو بي چين ڪندي آ، ان ڪيفيت ۾ عراقين جي ٿوري فوج دشمن جي وڏن وڏن طاقتور لشڪرن تي به قھر بنجي ٽٽي پوندي آ ۽ کين هار ڏئي ڇڏندي آ، پر جڏنھن اھي ساڳيا بھادر ڪجهه عرصو امن سان پنھنجي وطن ۾ پنھنجن مِٽن مائٽن سان گڏ گذاريندا آھن ته انھن مٿان اھڙي ته سستي ۽ ننڍاکڙائي طاري ٿي ويندي آ جو تلوار کڻڻ به انھن لاء ڏکي ٿي پوندي آ. ھن وقت عراقي به پنھنجي وطن ڏانھن ڪاھيندا پيا اچن، سو منھنجو مشورو اٿئي ته انھن سان ويڙھ نه ڪجان نه ته هار کائي ويندين. کين عراق پھچڻ جو رستو ڏئي ڇڏ ته اتي ڪجهه عرصو مائٽن وٽ ٿانيڪا ٿين پوءِ تون انھن تي ڪاھ ڪندين ته کين سولائي سان شڪست ڏئي ويندين.

حجاج مھلب جو مشورو نه مڃي بصري کان فرات ثپي ھڪ لک فوج سان وڃي اھواز ۾ عراقين جو اڳ جهليو. ويڙھ هلي ۽ عراقي اھڙي ته بي جگري سان وڙھيا جو حجاج کي بصري ۾ به ترسڻ نه ڏنائون. حجاج جي حياتي ۾ ناڪامين جواھو اھڙو دور ھو جو ھڪ مرحلي تي ته خليفي عبدالملڪ به حجاج کي عھدي تان هٽائڻ جو آخري فيصلو ڪري ورتو ھو. حجاج چوندو ھو ته ڪاش مان مھلب جي صلاح قبول ڪيان ھا ته اھي ڏينھن نه ڏسان ھا. [1]

حوالا سنواريو

  1. عراق جي تاريخ: ترتيب ۽ چونڊ - مير الطاف حسين ٽالپر