حب عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ’داڻو‘ آهي. سنڌيءَ ۾ به عروج آهي. ’حب‘ جو جمع ’حبوب‘ آهي.

جديد ٽڪيون

حبَ يا گورين ٺاهڻ جو سڀ کان اڳ طبيب اسقليبوس جي زماني ۾ رواج پيو، پر ان وقت بدزيب گوريون يا حب ٺاهيا ويندا هئا. طبيب جالينوس جي وقت ۾ ننڍا ۽ سهڻا حب ٺاهيا ويا. حب يا گوريون گول ٺاهيون ويون. گوريون گول ۽ لسيون هئڻ ڪري مريض آسانيءَ سان کائي سگهندو هو. دوا جون گوريون ٺاهڻ لاءِ مختلف ڪيميائي شين کي ڪٽيو يا کرل ڪيو ويندو هو. اصول هو ته جيتري دوا باريڪ هوندي، حب به اوترائي سهڻا لڳندا. ڪٽيل دوا کي ڪنهن پاڻي، عرق، رس يا ڪنهن لعاب ۾ ڳوهي حب ٺاهيا ويا. حب ٺاهڻ لاءِ کؤنر، لعاب يا نشاستي جي مدد ورتي وڃي ٿي، انهن کي طبي اصطلاح ۾ ’رابطات‘ چيو ويندو آهي. حب ٺاهڻ لاءِ دوا جو سفوف ڪپڙي ۾ ڇاڻيو ويندو آهي.

حب ٺاهڻ جو طريقو

سنواريو

هٿ سان حب ٺاهڻ جو سادو ۽ عام طريقو هي آهي ته ڳوهيل اٽي مان گوريءَ جيترو وزن کڻي آڱوٺي ۽ اشهد آڱر سان گول ڦيرائجي. ٿورو وقت ڦيرائڻ سان گوري يا حب ٺهي پوندو آهي. اڄڪلهه گورين ٺاهڻ لاءِ مشينون مارڪيٽ مان ملن ٿيون، جن جي مدد سان منٽن ۾ هزارين گوريون يا حب ٺاهي سگھجن ٿا.[1]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012