حاڪم علي شاھ بخاري

سيدحاڪم علي شاھ بخاري (انگريزي ٻولي:Syed Hakim Ali Shah Bukhari)  سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جو ناميارو اديب، محقق، مورخ ۽ قديم آثارن جو ماهر هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

سيد حاڪم علي شاھ بخاري

زندگي جو احوال سنواريو

سيد حاڪم علي شاھ سنڌ جي دادو ضلعو جي دادو تعلقو جي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ 15 فيبروري 1938ع تي سيد حاجن شاھ بخاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس ڇٺيء جو نالو سيد علي اڪبر شاھ هو پر سندس والد اسڪول ۾ نالو حاڪم علي شاھ  لکرايو. هي استاد بخاري جو ننڍو ڀاءُ هو.[1]

تعليم سنواريو

هن پرائيمري تعليم ڳوٺ  غلام چانڊيو جي اسڪول مان حاصل ڪئي. هن 1950ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو ۽ انگريزي تعليم لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادوءَ ۾ داخلا ورتائين. هن 1957ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ پاس ڪيو. 1968ع ۾ پشاور يونيورسٽي مان آرڪيالاجي ۾ ايم اي ڪيائين.

نوڪري سنواريو

اول ڊپٽي ڪمشنر دادوءَ جي آفيس  ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو. بعد ۾ 1964ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هاءِ اسڪول جوهي ءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. 1969ع ۾  بحيثيت ’گيلري اسسٽنٽ‘ موهن جو دڙو تي مقرر ٿيو. اهڙيءَ طرح آثار قديمہ کاتي ۾ 29 سال ملازمت ڪري، 14 فيبروري 1998ع ۾ اوڻويهين گريڊ ۾ رٽائر ٿيو.

خدمتون سنواريو

حاڪم علي شاھ چيئرمين شهباز ايجوڪيشنل سوسائٽي، صدر دادو آرٽس ڪلب، استاد بخاري اڪيڊمي دادوءَ جو فائونڊر ميمبر، دادو شهري اتحاد جو ميمبر، لال شهباز ڪمپيوٽر اڪيڊمي دادوءَ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو 2006ع کان ميمبر، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي بيورو آف ٽرانسليشن ۽ پبليڪيشنز جي پينل جو ميمبر، بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ نوابشاهه جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون.

ڪتاب سنواريو

(1) Khirthar (English) ENI Pakistan Islamabad as Co-author

(2) سنگيت سنسار (فرهنگ موسيقي شريڪ ليکڪ)

(3) سنڌ جي قديم آثارن جي ڊڪشنري (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2008- شريڪ ليکڪ)

(4) آپ بيتي-جگ بيتي (محمد حسين پنهور جي سوانح جو انگريزيءَ مان ترجمو)

(6) Kalhora Period Architecture

(7) Sindh Archives 2006 Author

(8) ڏيهي پرڏيهي ساز (شريڪ ليکڪ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو)

(9) تعميرات جي لغت سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپائيءَ هيٺ آهي.

وفات سنواريو

سيد حاڪم علي شاھ 13 مئي 2021 ع تي وفات ڪري ويو.[2][3]

حوالا سنواريو

  1. "سيد حاڪم علي شاهه بخاري : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-05-15. 
  2. "Renowned Archaeologist Hakim Ali Shah Bukhari Passed Away | Daily Outcome". حاصل ڪيل 2021-05-15. 
  3. Kalhoro, M. B. "Renowned archaeologist, historian Hakim Bukhari passes away". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2021-05-19.