حافظ ارشد انڍڙ ليکڪ، تعليمدان ۽ ٽي. وي ڪمپيئر، 10 ڊسمبر 1950ع تي ڳوٺ ستابي انڍڙ، تعلقي پني عاقل ۾ پيدا ٿيو.

تعليم سنواريو

پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. عربي تعليم مدرسي مدينة العلوم پني عاقل، محبوب ڳوٺ، قاسم العلوم گهوٽڪي ۽ جامعہ دينيہ دارالهديٰ ٺيڙهيءَ مان حاصل ڪيائين. پير جهنڊي ۾ قرآن مجيد حفظ ڪيائين.

عملي زندگي سنواريو

هن عملي زندگيءَ جي شروعات درس ۽ تدريس سان ڪئي ۽ مختلف انتظامي عهدن تي رهيو، جن ۾ سکر ۽ حيدرآباد جي تعليمي بورڊن جو ڪنٽرولر بہ ٿيو. ريڊيي ۽ ٽي. ويءَ تي سندس ميزبانيءَ هيٺ ڪيترائي پروگرام نشر ٿيندا رهيا آهن. خاص ڪري ’صراط مستقيم‘ سندس مقبول پروگرام رهيو.

لطيفيات سنواريو

هن سنڌ جي تاريخ ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شخصيت ۽ تعليم تي بہ گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سندس سٺو مطالعو آهي. وٽس سٺي لائبريري بہ آهي، جنهن ۾ ڪيترائي قديم ڪتاب بہ رکيل آهن. هيءُ ڪيترن ئي ملڪن جو مطالعاتي دورو ڪري چڪو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012ع