حاجن سائل
حاجن سائل ميمڻ عرف حاجي محمد ’حاجن سائل‘ ولد حاجي عبدالحڪيم ’عاجز‘ ميمڻ 8 اپريل 1945ع تي مٽياري شهر ۾ ڄائو.
خاندان
سنواريوسندس خاندان پسارڪو ڌنڌو ڪندو آهي، تنهنڪري ’پساري ميمڻ‘ سڏجن ٿا. پنهنجي والد ۽ چاچي کي مولود پڙهندي ڏسي کيس مذهبي شاعري ڪرڻ جو شوق ٿيو.
تصنيفون
سنواريوهيءُ نظم توڙي نثر ۾ لکي ٿو. هن جي شاعري رومانوي غزلن ۽ مذهبي موضوع تي آهي. هي پنهنجا ڪتاب ڇپرائي بنا معاوضي جي ورهائي ڇڏيندو آهي. سندس 7 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جن ۾:
- (1) نجات جهنم حاصلاتِ بهشت (1969ع)
- (2) چاليهه سوکڙيون (1972ع)
- (3) حـقيـقـي زندگـي (1995ع)
- (4) روزو ۽ بندگي (1996ع)
- (5) ســوکــڙيءَ تــي ســوکـڙي (1997ع)
- (6) عـملـي زنـدگـي (1998ع)
- (7) درودن جو گلدستو (2000ع) شامل آهن.
حال
سنواريوهن وقت مٽياريءَ ۾ رهائش پذير آهي.[1]
حوالو
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012