حاجب رام لاءِ ڪتاب ’فتح نامه سنڌ عرف چچ نامه‘ ۾ علي ڪوفي ڄاڻائي ٿو ته: ”حاجب رام وڏو داناءُ، عالم شخص هو. هي پنهنجي قابليت سان راءِ گهراڻي جي خاص ماڻهن ۾ شامل ٿيو. راءِ سهاسيءَ حاجب رام کي ’وڏو وزير‘ مقرر ڪيو. راءِ سهاسيءَ جي وقت ۾ بادشاهي فرمانن ۾ سندس صلاح کي وڏي اهميت حاصل هوندي هئي. هن جي حڪم ۾ ڪنهن به وزير يا امير کي هٿ چراند ڪرڻ جي اجازت نه هئي. خط وڪتابت، فرمان ۽ پروانا پڻ هن جي کاتي ۾ هئا. راءِ سهاسيءَ کي هن تي وڏو ڀروسو هوندو هو. سندس زال راڻي سونهن ديوي، حاجب رام کي پنهنجي پيءُ جي درجي جي عزت ڏيندي هئي.

انصاف سنواريو

حاجب رام وٽ چچ بن سيلائج ملازمت جو سوال کڻي آيو. جنهن چچ جي ذهانت کي مدنظر رکندي کيس پاڻ وٽ رکيو. چچ جي ڏينهن رات محنت کي ڏسندي حاجب رام هن کي جلد ’ديوان رسائل‘ (وزير مراسلات) جي عهدي تي فائز ڪيو.

وفات سنواريو

حاجب رام وڏي عمر ۾40ھ/ 660ع ۾ وفات ڪئي. سندس مرڻ کانپوءِ سندس جاءِ تي چچ بن سيلائج کي مقرر ڪيو ويو.“[1]

حوالو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012