حاتم علوي پورو نالو حاتم علي علوي سياسي، سماجي شخصيت ۽ بينڪار، ڪراچيءَ جي دائودي بوهرا قبيلي جي سيٺ ڪريمجي مانڊوي واري جو پوٽو هو. سندس والد سيٺ علي ڀائي 1866ع ۾ واپار سانگي اچي ڪراچيءَ ۾ مقيم ٿيو، جتي محنت، ڪفايت شعاريءَ ۽ قابليت سان ترت ئي واپار ذريعي چڱو پئسو گڏ ڪري ويو ۽ ڪافي جائداد ڪٺي ڪيائين.

پيدائش سنواريو

حاتم علويءَ، 5 جمادي الثاني 1311ھ/ 20 آڪٽوبر 1898ع پالڻپور، گجرات ۾ جنم ورتو. سندس والد سيٺ علي ڀائي ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ سرڪار طرفان ان جو ميمبر نامزد ٿيو. بعد ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ تائين ميونسپالٽيءَ تي سندس خاندان مان ميمبر چونڊجندا آيا، حاتم علويءَ جو والد 1901ع ۾ وفات ڪري ويو.

تعليم سنواريو

حاتم علويءَ ڪراچي جي سنڌ مدرسي ۾ تعليم ورتي، جيڪو خانبهادر حسن علي آفنديءَ سيپٽمبر 1885ع ۾ قائم ڪيو هو ۽ ان جي پهرئين بورڊ ۾ حاتم جو والد سيٺ علي ڀائي ميمبر هو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان اڳ هن انگريز حڪومت خلاف هڪ مضمون لکيو، جنهن سبب کيس سنڌ مدرسي مان نيڪالي ڏني وئي، اڪثر وقت مطالعي ۽ مذهبي مشغولين ۾ گذاريائين. ننڍي هوندي کان پيءُ ماءُ جي صحبت مٿس گهرو مذهبي اثر وڌو ۽ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر بڻيو.

پيشو ۽ سياست سنواريو

حاتم علوي مختلف شعبن ۾ مختلف عهدن تي رهيو. جن ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جو ميمبر، سنڌ يونيورسٽي ڪميشن جو ميمبر، ڪراچي يونيورسٽي سينڊيڪيٽ جو ميمبر، ڪراچي اڪيڊمي هاءِ اسڪول ۾ پنجويهن سالن تائين اعزازي سيڪريٽري، عليڳڙهه يونيورسٽي ڪورٽ جو ميمبر، صحت کاتي جي ڪراچي ريڊڪراس سوسائٽيءَ جو چيئرمئن، غريب مريضن جي سهائتا ڪميٽيءَ جو چيئرمئن، ليبر اسٽاف سوسائٽيءَ جو ميمبر، ڪراچي سوشل سروس جو چيئرمئن، گونگن، ٻوڙن ۽ انڌن جي سروس ليگ جو چيئرمئن، کاڌ خوراڪ جي فوڊ گرين پاليسي ڪميٽي گورنمينٽ آف انڊيا جو ميمبر، لوڪل باڊيز ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو 1926ع ۾ ميمبر ۽ نائب صدر، ڪراچي ڪارپوريشن جو ميئر، لوڪل سيلف گورنمينٽ انڪوائري ڪاميٽي سنڌ جو ميمبر، ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ جو ميمبر، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو ٽرسٽي ۽ نائب صدر، ڪراچي اربن ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ جو چيئرمئن، سنڌ پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ جو ڊائريڪٽر ۽ وائيس چيئرمئن، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو ڊائريڪٽر، پاڪستان انڊسٽريل فنانس ڪارپوريشن جو چيئرمئن، پاڪستان سمال سيونگ اسڪيم جو آنرري ڪمشنر، ٻاهرين ملڪن جي مختلف دورن دوران وفدن جو اڳواڻ، پرڏيهي معاملن جي آفريڪن ليگ پاڪستان جو چيئرمئن، فرينڊس آف ويسٽ جو اعزازي سيڪريٽري، پاڪ- چائنا فرينڊشپ سوسائٽيءَ جو صدر، پاڪ- جرمن فورم جو ميمبر، پاڪستان لنڊن سوسائٽيءَ جو ميمبر ۽ بين الاقوامي اسلامي ايڪنامڪ ڪانفرنس جو ميمبر ۽ ٻيا عهدا اچي وڃن ٿا.

ڪانگريس تحريڪ سنواريو

جڏهن خلافت تحريڪ دوران هندو مسلم اتحاد پيدا ٿيو ته حاتم علوي ڪانگريس تحريڪ ۾ داخل ٿيو. ليڪن جڏهن آل انڊيا آئيني سوالن تان مسلم ليگ ۽ ڪانگريس وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا ته هن مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي، هن نوجوانن جو هڪ گروهه به ٺاهيو ۽ ’آگي قدم‘ رسالي ۾ مضمون لکي نون خيالن جي پرچار ڪرڻ لڳو.

وفات سنواريو

حاتم علوي 26 جنوري 1986ع تي وفات ڪري ويو. سندس مزار نور باغ ميوا شاهه قبرستان، ڪراچيءَ ۾ آهي.[1]

حوالو سنواريو

حوالا سنواريو