جھمٽ مل نارومل وسناڻي

جھمٽ مل نارومل وسناڻي، سنڌ جو اهو عالم آهي، جنهن سڀ کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جو سنڌيءَ ۾ گرامر لکيو، جنهن جو نالو ’نئون سنڌي وياڪرڻ‘ رکيائين، جيڪو 1892ع ۾ ڇپيو. هن نه رڳو سنڌي گرامر جو هيءُ ڪتاب لکيو، پر ان کان اڳ 1886ع ۾ ’ويُتپتي ڪوش‘ نالي لغت به ڇپرايائين، جنهن ۾ هن سنسڪرت سنڌي لفظن جا بنياد ڏنا آهن. هيءُ ڪتاب سنڌ ۾ ورهاڱي کان پوءِ به ٻه دفعا ڇپيو آهي. جھمٽ مل وسناڻي هڪ وڏو ودوان هو. سنسڪرت توڙي پارسيءَ جو چڱو ڄاڻو هو.

جھمٽ مل نارومل وسناڻي پهرين سرڪاري هاءِ اسڪول شڪاپور ۾ فرسٽ اسسٽنٽ ماستر ٿيو ۽ نوڪريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ سرڪاري بوڪ ڊيپو جو ڪيوريٽر (Curator) مقرر ٿيو ۽ ان عهدي تان 1902ع ۾ رٽائر ڪيائين.

تحقيقي سفر

سنواريو

هن پنج عالماڻا ۽ ڪارائتا ڪتاب لکيا، جن مان اهم ڪتاب ”سنڌي وياڪرڻ“ آهي، جيڪو حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج جي شاگردن ۽ هاءِ اسڪول جي مٿين درجن لاءِ ان دور ۾ سنڌ سرڪار منظور ڪيو هو. هن ڪتاب تيار ڪرڻ ۾ جھمٽ مل وسناڻيءَ ’سنسڪرت وياڪرڻ‘ ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ جي گرامر کي آڏو رکي لکيو. جھمٽ مل جو ڪتاب ’وئتپتي ڪوش‘ اشتقاقي لغت (Etymological Dictionary) آهي، جنهن ۾ سنسڪرت بنياد وارا لفظ ڏنل آهن. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1964ع ۾ ٻيهر ڇپايو. وسناڻيءَ جو ٽيون ڪتاب ’هتوپديش‘ سنسڪرت مان ترجمو ڪيل اخلاقي آکاڻين جو پستڪ هو. هيءُ ڪتاب آڳاٽي سنسڪرت جي ڪتاب ’پنج تنتر‘ جي طرز جو هو، جنهن جو اختصاري ترجمو پروفيسر نارائڻ داس بٺيجا بمبئيءَ مان ڇپايو هو. جھمٽ مل جو چوٿون ڪتاب ‘شاهه جا بيت‘ 1895ع ۾ ڇپيو. هيءُ ڪتاب مئٽرڪ جي نصاب تي رکيل هو. 67 صفحن جي متن واري هن ڪتاب ۾ لفظن جي معنيٰ ۽ تشريح ڏنل آهي. جھمٽ مل جو پنجون ڪتاب ’ديسي حساب جو ڪتاب‘ هو، جيڪو تعليم کاتي ڪراچيءَ 1890ع ۾ شايع ڪرايو هو.[1]