جِيو ٽي. وي (GEO T.V) نشرياتي ادارو، ’جنگ‘ گروپ جي انتظام هيٺ 2002ع ۾ قائم ٿيو. جيو نيوز چئنل هن وقت پاڪستاني ميڊيا ۾ پنهنجي منفرد پاليسي رکي ٿو. جيو گروپ پنهنجي نشريات نيوز بليٽن ۽ مختلف پروگرامن سان شروع ڪئي. اڳتي هلي جيو کي نيوز ۽ انٽرٽينمينٽ جي حصن ۾ ورهائي الڳ فريڪوئنسيءَ سان نشر ڪيو پيو وڃي.

پروگرام سنواريو

جيو تي نت نئين انداز جا ٽاڪ شوز ۽ حالات حاضره جا پروگرام نشر ٿيندا آهن. سياسي شخصيتن تي دلچسپ انداز سان تنقيد به ڪئي وڃي ٿي ۽ سماج جي مسئلن جي عڪاسي به ٿئي ٿي. جيو جي مشهور پروگرامن ۾ ’هم سب اميد سي هين‘، ’ايڪ دن جيو ڪي ساٿ‘، ’پچاس منٽ‘، ’ڪـيپيـٽـل ٽـاڪـ‘، ’جـرگـه‘، ’آج ڪامران خان ڪي ساٿ‘ وغيره اچي وڃن ٿا، جڏهن ته جيو ٽي. ويءَ تي ڊراما ۽ ٻيا تفريحي پروگرام به نشر ڪيا ويندا آهن.

عتاب سنواريو

جنرل (ر) پرويز مشرف جي دور ۾ جڏهن عدالتي بحران پيدا ٿيو ته عدليه جي بحاليءَ جي تحريڪ ۾ هن چئنل گهڻي ڪوَريج ڏني، جنهنڪري حڪمرانن چئنل کي ڪجهه عرصو بند به ڪرايو، پر صحافين جي احتجاج ۽ ان تحريڪ جي ڪاميابيءَ سان چئنل جي ٻيهر نشريات بحال ٿي. ڪجهه وقت کان موجوده حڪومت سان به سندن اختلاف هلندڙ آهن. پر مختلف ۽ منفرد صحافتي انداز ۽ دلچسپ موضوعن تي پروگرام نشر ڪرڻ ۾ ’جيو‘ جو معيار بهتر آهي.

نيٽورڪ سنواريو

جيو ۽ جنگ گروپ نوجوانن لاءِ ’آگ‘ نالي چئنل به شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ ميوزڪ ۽ روڊ شو سميت ٻيا به تفريحي پروگرام نشر ٿين ٿا، جڏهن ته راندين جو هڪ الڳ چئنل ’جيو سُپر‘ به 2005ع کان هلي رهيو آهي. جيو سُپر تي ڪرڪيٽ، هاڪي، ريسلنگ ۽ ٻين راندين جي سنئين سِڌي (Live) نشريات هلائي وڃي ٿي.[1]

حوالو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011