جيوترام ويڙهومل مٽائي

ٺارو شاهه جي مٽائي هندن جي پاڙي مان جيوترام ويڙهو مل صوفي ۽ درويش صفت انسان 1885ع ڌاري ڄائو هو.

ٻالڪپڻ سنواريو

شروعات ۾ حيدرآباد جي نو ودياليه اسڪول ۾ ماستر ٿيو. جتي سيد قطب علي شاهه جهانيان واري سان قرب ٿيس، جنهن سندس روح کي رڱي وڌو. هيءُ طالب علميءَ واري وقت کان وٺي سائين قطب شاهه جي خدمت ۾ رهندو هو ۽ اتي فيض حاصل ڪندو رهيو. 1914ع ۾ ’هڪ لڪل لعل‘ نالي سنڌيءَ ۾ ڪتاب شايع ڪرايائين، جنهن ۾ جهانيان خاندان جي هڪ بزرگ سيد مير غلام عباس شاهه ولد سيد روشن علي شاهه جي سوانح حيات ۽ سندس اقوال زرين لکي پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيائين.

وفات سنواريو

جيوترام 21 آگسٽ 1914ع تي 74 ورهين جي ڄمار ۾ ٽنڊي جهانيان ۾ لاڏاڻو ڪيو. صوفي قطب علي شاهه جيوترام لاءِ هيٺيون بيت چيو:
ســدا هـجـيــن جـيـئرو، جـيـئن جيتارام،
وڏي هجيئي حياتي، سدا هجين سان نام،
پيهـي ڏس پـاڻ، تـه انـدر ۾ اثبات ٿيئي.
اڳتي هلي سندس فرزند ويسو مل جيوترام (وي. جي مٽائيءَ) ’جهانيان خاندان‘ تي ڪتاب لکيو، جنهن جا انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ٻه ڇاپا ڇپايا آهن.[1]

حوالو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011