جينت ريلواڻي، نامور ڪهاڻيڪار، اخبار نويس، مترجم ۽ تاريخدان، 3 سيپٽمبر 1936ع تي لاڙڪاڻي ۾ جيوترام ريلواڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.

تعليم ۽ نوڪري

سنواريو

12- 13 سالن جي ڄمار ۾ ورهاڱي بعد ڀارت جي گجرات صوبي ۾ مائٽن سان گڏ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. جتي هن اسڪولي ۽ ڪاليجي تعليم انٽر ڪامرس تائين پوري ڪري ريلوي ۾ ملازمت ڪئي، جتان ئي اڳتي هلي ريٽائرمينٽ ورتائين.

ادبي سفر

سنواريو

جينت ريلواڻيءَ، لکڻ جي شروعات گجراتيءَ ۾ ڪئي ۽ هڪ ئي وقت سنڌي، گجراتي ۽ انگريزي زبانن جو ماهر هو، هن سنڌيءَ مان گجراتي ۽ گجراتيءَ مان سنڌي ادب ۾ وڏي تعداد ۾ ترجمو ڪري، ٻنهي ٻولين کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. هن جا گجراتي زبان ۾ ادب، تاريخ ۽ تهذيب تي مستقل ڪالم ڇپجندا رهيا آهن. جينت ريلواڻي ’سنڌو ڀارتي‘ مخزن جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. هن هڪ ئي وقت تحقيق، ترجمي، ڪالم نگاريءَ، ڪهاڻي، ناول، صحافت ۽ مضمون جي ميدان ۾ قلم کنيو. گجرات جي سنڌي، هندي ۽ گجراتي ساهتيه اڪيڊمين سان هڪ ئي وقت لاڳاپيل رهيو. کيس انهن اڪيڊمين ۽ سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران ڪيترا اوارڊ به مليا.

جينت ريلواڻيءَ سنڌي، هندي ۽ گجراتيءَ ۾ ستر کن ڪتاب لکيا ۽ ڇپايا آهن، جن مان 46 گجراتيءَ ۾، 20 سنڌيءَ ۾ ۽ 7 هنديءَ ۾ آهن. سندس ڪتابن مان ڪجهه اهم ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي:

  • (1) آليون پلڪون، اداس نيڻ (ڪهاڻيون: 1965ع)
  • (2) پنڌن جا پيچرا (ڪـهـاڻـيـون: 1969ع)
  • (3) ســـفـيــد سـفـيــد اونــداهــي (نـــاول: 1970ع)
  • (4) صـلـيــب تـي لـٽـڪـيــل سـنـڌي سـاهـتڪــار
  • (5) خـلــل (ڪهـاڻيـون)
  • (6) ڪرنگهي لاءِ ڪئلشم (مني ڪهاڻيون)
  • (7) ڪڇ ۽ سنڌ جا قديم ناتا (تحقيق)
  • (8) گل گرنار جا
  • (9) ڪوڏ پويل مالها
  • (10) ڪٺياس ڀنڀور ۾ (مـضمـون)
  • (11) سـمـنـڊ جـي هــن پــار جــو پـيــار
  • (12) سـوراج جـي آتـمـا
  • (13) آزاديءَ جو امـرت (ڳوٺاڻي ترقي)
  • (13) اڪيلو آڪاس
  • (14) بـدنـام شـخـص
  • (15) مـيـارون (تـرجمـو)
  • (16) ســوراشـٽـر جـا سـاهتڪار (ترتيب)
  • (17) اشوٿامي پيڙا (شاعري: گجراتي)
  • (18) مولانا لالجي ڀائي (سوانح: گجراتي)
  • (19) سنڌي ٻال ڪٿائو (گجراتيءَ ۾ سنڌي ٻاراڻين ڪهاڻين جو ترجمو)
  • (20) سنڌي ساهتيه (گجراتي)
  • (21) سفيد انڌارا (گجراتيءَ ۾ ترجمو ڪيل سنڌي ڪهاڻيون)
  • (22) سنڌ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ جا سڀيتڪ ناتا وغيره.

جينت ريلواڻيءَ جو آخري ڪتاب سندس سالن جي تحقيق تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن پراڻن آثارن ۽ اهڃاڻن مان هٿ آيل شين جي بنيادن تي سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب تي تفصيلي مواد ڏنو آهي. سندس هيءُ ڪتاب 1998ع ۾ تيار ٿي گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ کي پيش ڪيو ويو هو. جنهن جو محدود حصو سنڌي ٽائيمس الهاس نگر پاران 2003ع ۾ ’ڪڇ ۽ سنڌ جا قديم ناتا‘ عنوان سان ڇپيو هو ۽ ان جو هنديءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪو آهي.

گجراتي ادب

سنواريو

جينت ريلواڻيءَ 55 سالن تائين ادبي ميدان ۾ پاڻ موکيو. هن گجراتيءَ ۾ لکڻ جي ابتدا ان ڪري ڪئي، جو شروع ۾ گجراتين جي ڏکوئيندڙ سوال ته: ’توهان جو ادب، تاريخ ۽ تهذيب ڪهڙي آهي؟‘ هن جي ذهن کي وڏو جهٽڪو ڏنو، ۽ پوءِ هن چونڊ سنڌي ادب کي گجراتيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ پنهنجو مقصد بڻائي ڇڏيو. ائين هن نه رڳو طبعزاد سنڌيءَ ۾ لکيو، پر گجراتيءَ ۽ هنديءَ ۾ سنڌي ادب کي متعارف ڪرائڻ لاءِ درجنين ڪتاب لکي ورتا.

اهم سوال

سنواريو

هــن 1983ع ۾ ســڀ کـان پـهـريـن دهـلــيءَ ۾ ڊاڪـٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ تي ٿيل قومي سيمينار ۾، شاهه لطيف جي حوالي سان سوال اٿاريو هو ته شاهه جا ڪردار ۽ حوالا ڪڇ سان لاڳاپيل هجڻ جي باوجود اسان صرف فارسي ماخذن تي ڇو ٿا ڀاڙيون ۽ اسان جو ڪڇي ۽ گجراتي ادب طرف ڌيان ڇو نه ويو آهي. ائين هن ڪڇي ۽ گجراتيءَ ادب، توڙي ڪڇ ۽ گجرات جي سنڌي لوڪ ادب جي مطالعي ۽ کوجنا ذريعي سنڌ جي تاريخ جا نوان گوشا متعارف ڪرايا ۽ ’سنڌ، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا سڀيتڪ ناتا‘ (2008ع) جهڙو تاريخي دستاويز لکي، تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو. هن ڪتاب جي هند ۽ سنڌ جي عالمن وڏي آجيان ڪئي آهي.

سنڌ، سنڌي ٻولي، ادب ۽ تهذيب جي هن وڏي سڄڻ، 29 نومبر 2010ع تي لاڏاڻو ڪيو.[1]