جيسلمير جو قلعو (انگريزي: Jaisalmer Fort): ھي تاريخي قلعو ھندستان جي شھر جيسلمير ۾ تعمير ٿيل آھي. جيسلمير شھر جي اٽڪل چوٿون حصو آباديءَ جا گھر ھن قلعي اندر ٺھيل آھن. سترھين صديءَ کان اڳ سڄو شھر قلعي اندر آباد ھو پر پوءِ آبادي وڌڻ سبب قلعي جي ٻاھران بہ شھر جي وسعت ۾ واڌارو آيو.

جيسلمير قلعو
سونو قلعو

جيسلمير قلعي جو نظارو
جاگرافيائي بيهڪ 26°54′46″N 70°54′45″E / 26.9127°N 70.9126°E / 26.9127; 70.9126
نوعيت ريگستاني قلعو
مقام جي ڄاڻ
عوام لاءِ کليل جي ھا
مقام جي تاريخ
ٺھيو 1156ع
ٺھرائيندڙ راول جيسل
گيريزن بابت ڄاڻ
رھاڪو شھر جي چوٿون حصو آبادي
نشاندهي ڪندڙ
قسم ثقافتي
معيار ii, iii
عهدو 2013 (36th سيشن)
حصو راجستان جو جابلو قلعو
حوالا نمبر. 247
ملڪ ھندستان
علائقو ڏکڻ ايشيا

ھي راجستان رياست جو ٻيو پراڻي ۾ پراڻو قلعو آھي جيڪو 1156ع ۾ ھتان جي راجپوت راجا راول جيسل تعمير ڪرايو[1]. پراڻي زماني ۾ شاھراھ ريشم ھتان گذرندي ھئي. ھن شاھراھ وسيلي ھندستان جو افغانستان ۽ ايران سميت وچ ايشيا تائين ڪاروبار ھلندو ھو ۽ اٺن جون ڊگھيون قطارون سامان کڻي وچ ايشيا جي ملڪن ڏانھن روانيون ٿينديون ھيون.

جيئن جيئن ڏينھن چڙھندو آھي ھن قلعي جي ڀتين جو رنگ شينھن جي کل جھڙو ٿي ويندو آھي پر سانجھيءَ جي وقت اھو رنگ ڦري ماکيءَ جي رنگ جھڙو ٿي ويندو آھي، ان ڪري ھن قلعي کي مقامي ماڻھو سونو قلعو (Golden Fort) چوندا آھن[2]. ھي قلعو ٿر جي ريگستان ۾ تريڪوتا جبل جي چوٽيءَ تي تعمير ٿيل آھي. ھن قلعي جا منارا پري پري تائين ڏسڻ ۾ ايندا آھن[3]. 2013ع ۾ ھن قلعي کي راجستان جي پنجن ٻين قلعن سميت يونيسڪو جي ثقافتي ورثي وارن ماڳن جي فھرست ۾ شامل ڪيو ويو[4].

 
سانجھيءَ وقت قلعي جو نظارو
 
جيسلمير قلعي جو ھڪ دروازو

ھي قلعو 1156ع ۾ ھتان جي راجا راول جيسل تعمير ڪرايو. 94-1293ع ڌاري دھليءَ جي سلطان علاوالدين خلجيءَ ھن قلعي تي حملو ڪيو. ھتان جو راجا پنھنجي رعيت سميت کاڌي جو ھڪ وڏو ذخيرو کڻي قلعي جي اندر بند ٿي ويھي رھيو. علاوالدين خلجيءَ ھي فوج ڪيترن ئي سالن تائين ھن قلعي جو گھيرو جاري رکيو، آخرڪار جڏھن کاڌي جو سامان کٽڻ لڳو ۽ ھتان جي ماڻھن کي شڪست جي پڪ ٿي وئي تہ ھتان جي 24000 عورتن دشمن جي فوج کان پنھنجون عصمتون بچائڻ لاءِ خودڪشي ڪري ڇڏي. قلعي جا دروازا کوليا ويا، ھتان جي ھزارين مردن کي خلجيءَ جي فوجين خون ۾ لت پت ڪري ڇڏيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ اھي فوجون قلعي ۾ لٽ مار ڪرڻ کان پوءِ واپس ھليون ويون. ھتان جي ڪجهه بچي ويل رھواسين قلعي کي ٻيھر آباد ڪيو[5].

سورھين صديءَ ۾ افغانستان جي ھڪ پٺاڻ سردار امير علي ھن شھر تي حملو ڪري ڪافي خونريزي ڪئي پر ھتان جي سورمن کيس قتل ڪري قلعي جي حفاظت ڪئي. 1541ع ۾ ھتان جي راجا مغل شھنشاھ ھمايون سان جنگ ڪئي پر اڳتي ھلي ھن شھنشاھ اڪبر کي پنھنجي ڌيءَ جو سڱ ڏنو. مغلن جو ھن قلعي تي 1762ع تائين ڪنٽرول رھيو[6]. 12 ڊسمبر 1818ع تي ھتان جي راجا پنھنجي حڪومت بچائڻ ۽ قلعي کي انگريزي فوج جي حملي کان بچائڻ لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سان ھڪ معاھدو ڪيو ۽ ايئن جيسلمير انگريزن جي حڪومت جو حصو بنجي ويو پر مھاراول ملراج کي ھن رياست ۾ راڄ ڪرڻ جي اجازت ملي وئي. 1820ع ۾ ملراج جي وفات کان پوءِ گج سنگھ ھن علائقي جو راجا بنيو[6].

انگريزن جي دور ۾ شاھراھ ريشم ذريعي ڪاروبار تمام گھٽجي ويو ۽ اھو ڪاروبار ممبئي بندرگاھ طرف منتقل ٿي ويو. انھيءَ زماني ۾ ھي علائقو قدرتي طور تي سخت ڏڪار جو شڪار رھيو جنھن سبب ھتان جي ڪاروبار ۽ خوشحاليءَ کي ڪاپاري ڌڪ رسيو. 1947ع ۾ ھندستان جي ورھاڱي کان پوءِ شاھراھ ريشم ھميشہ لاءِ بند ٿي وئي جنھن ڪري ھن شھر جي اڳوڻي ڪاروباري حيثيت ختم ٿي وئي. ھاڻي ھن شھر جي معيشيت جو گھڻو دارومدار سياحت تي آھي.

قلعي جي اڏاوت

سنواريو

ھي قلعو 460 ميٽر (1500 فوٽ) ڊگھو ۽ 230 ميٽر (750 فوٽ) ويڪرو آھي. ھي قلعو جبل جي چوٽيءَ تي تعمير ٿيل آھي ۽ انھيءَ چوٽيءَ جي اوچائي 76 ميٽر (250 فوٽ) آھي. قلعي جي ٻاھرين ڀت جي اوچائي اٽڪل 4.6 ميٽر (15 فوٽ) آھي. انھيءَ ڀت جي اندر قلعي جي بچاءٌ لاءِ ٻي ڀت موجود آھي جنھن تي وڏا منارا ٺھيل آھن. قلعي تي 99 برج ٺھيل آھن جن مان 92 برج سترھين صدي عيسويءَ ۾ ٺاھيا ويا. قلعي ۾ داخل ٿيڻ لاءَ چار دروازا آھن[6].

ھن قلعي اندر ڪيتريون ئي عمارتون موجود آھن:

  • قلعي جي سڀ کان مشھور عمارت راج محل حويلي آھي جتي جيسلمير جا راجا پنھنجي ڪٽنبن سان گڏ رھندا ھئا.
  • قلعي اندر ٻارھينءَ کان سورھين صدي عيسويءَ دوران تعمير ٿيل ست جين ڌرم جا مندر تعمير ٿيل آھن[4].
  • قلعي اندر ٻيا مندر بہ موجود آھن جن مان لڇميناٿ مندر وڌيڪ مشھور آھي.
  • قلعي اندر ھتان جي شاھوڪار واپارين جون ڪيتريون ئي حويليون تعمير ٿيل آھن جن مان ڪجهه سوين سال پراڻيون آھن. اھي حويليون تعمير جي فن جو نادر نمونو آھن. انھن مان ڪجهه حويلين کي ھاڻي عجائب گھرن ۾ تبديل ڪيو ويو آھي.
  • قلعي اندر اطالوي، فرانسيسي ۽ ديسي کاڌن جون شاندار ھوٽلون بہ موجود آھن.
  1. Martinelli, Antonio; Michell, George; Nath, Aman (2004-10-14) (en ۾). Princely Rajasthan: Rajput Palaces and Mansions. Harry N. Abrams. ISBN 978-0-86565-240-8. https://books.google.co.in/books?id=PjXrAAAAMAAJ&q=Jaisal+rajput&dq=Jaisal+rajput&hl=en&sa=X&ved=2ahUKEwjepovG0N. 
  2. "The Fantastic 5 Forts: Rajasthan Is Home to Some Beautiful Forts, Here Are Some Must-See Heritage Structures - DNA : Daily News & Analysis | HighBeam Research". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-04-01. 
  3. Sharma, Abha (2012-09-23). "Desert's sinking fort" (en-IN ۾). The Hindu. ISSN 0971-751X. https://www.thehindu.com/todays-paper/tp-miscellaneous/deserts-sinking-fort/article3928265.ece. 
  4. 4.0 4.1 Centre, UNESCO World Heritage. "Hill Forts of Rajasthan". UNESCO World Heritage Centre. حاصل ڪيل 2022-04-01. 
  5. Rajadhyaksha, P. L. Kessler and Abhijit. "Kingdoms of South Asia - Indian Kingdom of Rajputana (Jaisalmer)". www.historyfiles.co.uk. حاصل ڪيل 2022-04-01. 
  6. 6.0 6.1 6.2 Verma, Amrit (2003). Forts of India. New Delhi: Ministry of Information and Broadcasting. ISBN 81-230-1002-8. OCLC 706638384. https://www.worldcat.org/oclc/706638384.