جهمون ڇڳاڻي، سنڌ ۽ هند جي مشهور ڪهاڻيڪار، نقاد، محقق ۽ ڪالم نگار، اصل نالو جهمون رامچند ڇڳاڻيءَ 5 سيپٽمبر 1940ع تي حيدرآباد جي پشوري پاڙي ۾ جنم ورتو.

تعليم سنواريو

جهمون ڇڳاڻيءَ بي. ايڊ (لئنگئيجز)، ايم. اي (انگريزي ادب) ۽ شارد (سنسڪرت) جون ڊگريون ورتائين. ڀوپال جي ريجنل انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن جي ملازمت مان رٽائر ٿيو آهي.

تصنيفون سنواريو

سندس تصنيفون هن ريت آهن:

  • (1) مهامتي پراڻناٿ جي سنڌي واڻي (تحقيق: جلد پهريون: 1991ع)
  • (2) مهامتي پراڻناٿ جي سنڌي واڻي (تحقيق: جلد ٻيو: 1996ع)،
  • (3) هڪ ٻيو ورهاڱو (ڪهاڻيون: 1977ع)
  • (4) ڏات ڌڻي (ڏهن اديبن جا سوانحي خاڪا: 2002ع).

مڃتائون سنواريو

جهمون ڇڳاڻيءَ کي ڪيترا اوارڊ به مليا آهن، جن ۾:

  • (1) سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ، ڀارت سرڪار پاران 1993ع ۾ ’مهامتي پراڻناٿ جي سنڌي واڻي- اوارڊ‘ (جلد-1)
  • (2) دهلي سنڌي اڪيڊميءَ پاران ’ادبي اوارڊ‘ 1998ع
  • (3) مڌيه پرديش سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ پاران ڀوپال ۾ اوارڊ 2001ع وغيره شامل آهن.

سفرنامو سنواريو

جهمون ڇڳاڻيءَ، ورهاڱي کانپوءِ پهريون ڀيرو 2004ع ۾ سنڌ آيو ۽ حيدرآباد، پشوري پاڙي ۾ پنهنجو گهر ڳولي لڌائين، ان جو تذڪرو هن پنهنجي مختصر سفرنامي ۾ ڪيو آهي، جيڪو سنڌي اڪادمي دهليءَ جي مخزن ’سنڌو جوت‘ ۾ ڇپيو آهي.[1]

حوالو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012