جنگو خان جمالي (انگريزي: Jangu Khan Jamali) ڪلھوڙن جي دور جو سپھ سالار ٿي گذريو آهي. ميان نصير محمد ڪلھوڙي جي ڏينهن ۾ ميانوال تحريڪ جو مُک ڪارڪن ۽ سالار هو. اول جوهي شهر کان هڪ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺ جنگو جمالي (موجوده ڳوٺ قاسم جمالي) ۾ رهائش پذير هو. جوهيءَ ۾ مقيم پياري کوسي ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي ميانوال تحريڪ خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪيو هو تہ ميان صاحب جنگو جمالي کي کيس سيکت ڏيڻ جو ڪم سونپيو هو.[1] پيارو کوسو جوهي ڇڏي ڌؤنڪ ماٿري ۾ قيام پذير ٿيو پر سندس سورش ۾ ماٺ نہ آئي تہ ميان صاحب جنگو جمالي کي ٻيهر کيس مات ڏيڻ ۽ ٽنڊو رحيم خان لڳ گري جبل واري لڪ جي نگهداشت طور مقرر ڪيو ۽ پيارو کوسو کي مات ڏيڻ جو چيو. جنگو خان جمالي اصل ڳوٺ ڇڏي نئي هليلي جي ڪناري ڳوٺ هليلي قائم ڪري ويٺو ۽ پياري کوسي کي مات ڏنائين. ميان نصير جي ڏينهن ۾ بُلي کوسي جي سرگرمين کي بہ جنگو جمالي ٻُجو ڏنو ۽ ڪائي لڳ جنگو جمالي جي اڳواڻي ۾ لڳل جنگ ۾ بلو کوسو مارجي ويو هو. جنگو جمالي لڳ ڀڳ ميان نور محمد ڪلھوڙي جي ڏينهن تائين ميانوال تحريڪ جو اهم رڪن رهيو. سندس مدفن ڳوٺ هليلي (مراد جمالي) جوھي تعلقي، ضلعي دادو لڳ نئي هليلي جي ساڄي ڪناري اونچي ٽڪريءَ تي آهي جيڪو جنگو جمالي جي قبرستان طور مشهور آهي. جنگو جمالي جي مقبري سان گڏ قبرستان ۾ ٻين مقبرن جي ديوارن تي شاندار چٽسالي سنڌ جي ورثي جو شاندار مثال آهي. ڳوٺ هليلي ۾ جنگو خان جي جوڙايل مسجد جي ديوارن تي چٽسالي بہ آرٽ جو نادر نمونو آهي.[2]

جنگو خان جمالي جو قبرستان

حوالا سنواريو