جنيوا گڏجاڻيون (Geneva Conventions)، 1954ع ۾ ٿيل معاهدا، جن جو مقصد پهرين هند چين جنگ (54-1946ع) جي خاتمي جو بنياد مهيا ڪرڻ هو. هن ويڙهه ويٽنام کي پنهنجي حڪمران فرانس جي خلاف ڪري ڇڏيو. هن معاهدي جو مسودو جولاءِ 1954ع ۾ سوئيزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ تيار ٿيو. هن ۾ ڏکڻ اتر ايشيا مان فرانسيسي فوج جي واپسيءَ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ ويٽنام کي ڏکڻ ۽ اتر ٻن حصن ۾ عارضي طور تي ورهائڻ جي تجويز ڏني وئي ته جيئن 1956ع ۾ چونڊون ڪرائي، انهن کي ٻيهر متحد ڪيو وڃي ۽ ان ورهاڱي جي حوالي سان ٿيل تڪرار نيٺ (75، 1959ع) تي ختم ٿيو. هند- چين جنگ جي پهرين فيصلائتي ويڙهه، 7 مئي 1954ع تي لڳي. جڏهن ته فرانسيسين کي ڪميونسٽن هٿان شڪست کائڻي پئي. ٽئين ڏينهن ڪميونسٽن جي نمائندي جنيوا ۾ فرانسيسي حڪومت سان گڏ ويهي جنگ جي خاتمي جي شرطن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. جنهن ۾ فرانس جي وفادار ويٽنامين کانسواءِ ڪمبوڊيا، لائوس، يو. ڪي، آمريڪا ۽ يو. ايس. ايس. آر جي نمائندن به شموليت ڪئي. ڪميونسٽن فرانسيسين جي مڪمل نيڪال ۽ ڊيموڪريٽڪ ري پبلڪ آف ويٽنام کي تسليم ڪرڻ تي زور ڏنو. (جنهن جي قيام جو اعلان هوچي منَهه 1945ع ۾ ڪيو هو). ڊي. آر. وي کي پنهنجي اتحادي ملڪن پسني چين ۽ يو. ايس. ايس. آر کان مدد ملڻ جي اميد هئي، پر ٻنهي ان تي دٻاءُ وڌو ته 1956ع ۾ قومي چونڊون ٿيڻ تائين ويٽنام جي عارضي ورهاست کي قبول ڪيو وڃي. ٻن مهينن جي ڊگهين ڳالهين کان پوءِ ڪميونسٽن (ويٽ منهه) رضامندي ڏيکاري ۽ ويٽ منَهه جي فوج اتر پاسي هلي وئي. جڏهن ته فرانسيسي ۽ ويٽنامي فوج ڏکڻ واري پاسي وڌي. آمريڪا نه پيو چاهي ته فرانس ڳالهين بائوداڻي جي جاءِ تي نگو دينهه ديام کي اينٽي ڪميونسٽ ويڙهه جو ويٽنامي اڳواڻ بڻايو. ديام چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ جنيوا معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪندي، فوج ٺاهڻ شروع ڪئي. 1960ع ۾ ديام جي مخالفن نيشنل لبريشن فرنٽ نالي گوريلا تنظيم ٺاهي، جنهن جو مقصد ديام جي حڪومت جو خاتمو ۽ ويٽنام کي ٻيهر متحد ڪرڻ هو. ويٽنامي حڪومت کي بچائڻ لاءِ آمريڪا پنهنجي فوج ويٽنام موڪلي. 1965ع کان شروع ٿيل جنگ 1975ع تائين جاري رهي، جڏهن ته ويٽنام ڪميونسٽ حڪومت جي ماتحت ٻيهر متحد ٿيو.[1]

حوالا سنواريو

  1. "جنيوا ڪانفرنسون". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين). سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. حاصل ڪيل 30 نومبر 2017ع.  Check date values in: |access-date= (مدد)