جنرل راحيل شريف پاڪستان جي فوج جو پندرهون ء موجوده سربراه آهي.

خاندان سنواريو

جنرل راحيل شريف 16 جون 1956 ۾ ڪوئٽه بلوچستان ۾ پيدا ٿيو[1] سندس پي جو نالو جو نالوميجر محمد شريف آهي.سندس وڏو ڀاء ميجر شبير شريف 1971 پاڪستان ء انڊيا جي جنگ ۾ شهيد ٿيو ء کيس نشانِ حيدر سان نوازيو ويو.

فوجي خدمتون ء تعليم سنواريو

راحيل شريف گورنمنٽ ڪالج لاهور کان تعليم جي شروعات ڪئي ان جي پويان پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ۾ داخلا ورتائين اڪيڊمي جي 54 لانگ ڪورس جو شاگرد رهيو 1976 ۾ گريجويشن کان پوءِ پاڻ فرنٽير فورس رجمنٽ جي 6th بٽالين ۾ ڪميشن حاصل ڪئي

جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ميجر جنرل راحيل شريف کي يارهين برگيڊ جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو

چيف آف آرمي اسٽاف سنواريو

27 ڊسمبر 2013 تي وزيراعظم نواز شريف کيس پاڪستاني فوج جو سپه سالار بنايو.

عالمي ڪمانڊرن جي فهرست سنواريو

خابرو ادارن موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف کي ملڪ اندر ۽ ٻاهر موجود دشمنن کي وڏي اثرائتي انداز ۾ منهن ڏيڻ ۽ دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ سٺي ڪارڪردگي تي دنيا جو بهترين فوجي ڪمانڊر قرار ڏنو ويو آهي، دنيا جي 10 بهترين جنرلن جي فهرست ۾ پهرين نمبر تي جنرل راحيل شريف، ٻئي تي آمريڪا جو مارٽن ڊمپسي، ٽئين تي چين جو فينگ هوئي، چوٿين تي روس جو والري گراسيموف، پنجين تي ترڪي جو بولوسي اڪار، ڇهين تي برطانيا جو نڪ هوفٽن، ستين تي ڏکڻ ڪوريا جو چوئي يون هي آئي، اٺين نمبر تي ڀارت جو جنرل دلبير سنگهه، نائين نمبر تي جاپان جوڪاتسوتوشي ڪاوائو ۽ 10 هين نمبر تي جرمني جو وولڪر ويڪر شامل آهن.[2]

حوالا سنواريو

  1. Profile: Lt General Raheel Sharif - Pakistan - DAWN.COM
  2. bbcsindhi, وقت 2016-03-05 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-01-11