جمال ميراڻي [1]ولد ملوڪ ميراڻي جو جنم 1943ع تي بندر محلا سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. جمال ميراڻي جو اصل نالو جمال الدين ميراڻي آهي. پاڻ پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪئي، بي اي سچل ڪاليج حيدرآباد ۽ ايم اي سنڌي ۾ سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين.

جمال ميراڻي
مقامي ٻوليء ۾ نالو جمال ميراڻي
پيدائش 1943ع
سيوھڻ, ڄامشورو, سنڌ, پاڪستان
ڌنڌو ليکڪ
قوميت پاڪستاني
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
موضوع بي اي ايم اي

لکڻ جي شروعات سنواريو

لکڻ جي شروعات 1962ع کان ڪيائين. جمال ميراڻي 1962ع کان 1985ع تائين. قلندر لعل شهباز ادبي ڪانفرنس جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو، ڪانفرنسن جو اسٽيج سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. پاڻ “سڪن” جو وڏو ڄاڻو ۽ ماهر آهي. سندس وٽ هندو دور جا سڪا، سمادور جا سڪا، مغل دور جا سڪا، ۽ ٻين دورن جا ڪافي سڪا موجود آهن. سندس وٽ 13 هجري جو هڪ چاندي جو سڪو به موجود آهي، سڪندر اعظم جي دور جو به هڪ سڪو موجود اٿس. جمال ميراڻي جيالاجيات ارضيات جو وڏو ڄاڻو ۽ ماهر پڻ آهي. ياقوت، نيلم، فيروضو، عقيق ۽ پٿرن تي گهڻو ڪم ڪيو اٿس.

ضلعي دادو حڪومت 1968ع ۾ مشاعرا ڪرايا. هڪ مشاعرو دادو ۾ ٿيو، جنهن ۾ جمال ميراڻي، استاد بخاري ۽ ٻين شاعري پڙهي. ججن جا فرائض تاج صحرائي ۽ وڪيل شمشاد جوڻيجو ڏئي رهيا هئا. ان ۾جمال ميراڻي شعر ترنم ۾ پڙهيو “اُٿ ڙي مرد مجاهد هاري” ته جمال ان ۾ پهرين پوزيشن کنئين ۽ استاد بخاري ٻي پوزيشن ماڻي. جمال هلال پاڪستان اخبار ۾ 1994ع ۾ روزانو هڪ قطعو به لکندو هو. پاڻ پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين جو ويجهو ساٿي رهيو آهي. پاڻ نيشنل بئنڪ ۾ مئنيجر ۽ ايريه مئنيجر پڻ رهيو، اطلاعات نشريات کاتي ۾ پڻ ڊائريڪٽر حيدرآباد، ڪراچي، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ نوڪري ڪيائين. جمال ميراڻي 2002ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. پاڻ نيشنل بئنڪ جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ رهيو. جمال گيت غزل، قطعا، نظم پڻ لکيا آه

حوالا سنواريو

  1. "جمال ميراڻي (جنم 1943ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون (تحقيق) (مير حاجن مير)". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-08-02.