جدت __(Modernity):

’جدت‘جي اصطلاحي معنيٰ موجب، ’جدت‘ شعر ۾ جدت، اُها خاصيت آهي، جنهن مطابق، شعر ۾ نوان نوان لفظ ۽ موزون تشبيهون آيل هجن ۽ ڪلام ڪاريگريءَ جي فن سان مالا مال هجي، ۽ موضوع پڻ نئون هجي، جيئن اُن مان جوش ۽ جذبي جون جهلڪيون ظاهر ٿين ۽ روح کي تازگي يا فرحت اچي. [1]

نالو ۽ معنيَ سنواريو

’جدت‘ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ’تازگي، نئون ٿيڻ.[1] انگريزيءَ جو لفظ ماڊرنٽي modernity لاطيني ٻوليءَ جي لفظ مارڊنس modernus مان نڪتل آهي جيڪو ھڪ ظرف موڊو modo مان نڪتل جنھن جي معني آهي "بلڪل ھاڻي". ڇھين صدي عيسويءَ جو رومي سياستدانن ڪاسيئوڊوروس (Cassiodorus) پھريون ليکڪ آھي جنھن سڀ کان اول پنھنجي دؤر جي لاءِ لفظ ماڊرنس يعني ماڊرن استعمال ڪيو. [2]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. سانچو:(O'Donnell 1979, 235 n9)