جاڻ
جاڻ پسارڪي وکر جو انگريزي نالو (Ajwan) ۽ سائنسي نالو (Carum Copticum) اٿس.
اصل وطن
سنواريوجاڻ جو اصل وطن مصر آهي، جتان هيءُ فصل دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پکڙيو، جنهن ۾ هندستان ۽ پاڪستان به اچي وڃن ٿا. سنڌ ۾ هن جي پوک محدود ايراضيءَ تي ٿئي ٿي. ڀاڄين جي ٻنن ۽ باغن ۾ هن جو ٻج پوکيو ويندو آهي. جاڻ جو ٻج دوائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. هن فصل کي سرد موسم جي ضرورت پوي ٿي ۽ ربيع جي موسم ۾ پوکيو ويندو آهي.
خاصيت
سنواريوطبيبن موجب جاڻ پيشاب جاري ڪندڙ آهي. زهرن ۾ ترياق جو ڪم ڏئي ٿي. وائي بادي کي ختم ڪري ٿي. جگر ۽ سيني جي سور، بدهاضمي پٿري، پراڻي تپ لاءِ حڪيم استعمال ڪندا آهن. جاڻ خراساني: جاڻ خراساني ڀوري رنگ جو سنهن داڻن وارو ٻج آهي، ذائقي ۾ تمام تيز ٿئي ٿو. طبيبن موجب هيءُ جگر ۽ مادي کي طاقت ڏئي ٿي، هاضمو پيدا ڪري، بک وڌائي ٿو. دماغي رطوبت سڪائي ٿو. مٿي جي سـور، کـنـگهه، دمـڪـشـي، سـنـڌن جـي سـور، فـالـج، لقوي، عرق النساءِ، مثاني جي ڦٽ ۽ پٿري ڪڍڻ لاءِ به حڪيم استعمال ڪندا آهن. هن جو گهڻو استعمال مٿي ۾ ڦيري، چريائي ۽ عقل ۾ خلل پيدا ڪري ٿو.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011