جاويد قاضي ناليوارو صحافي، ڪالم نگار ۽ وڪيل، مشهور محب وطن سياستدان ۽ هاري اڳواڻ، قاضي فيض محمد جو فرزند آهي. هن 02 مئي 1964ع تي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.

خانداني پس منظر سنواريو

سندس والد قاضي فيض محمد نه صرف هاءِ ڪورٽ سنڌ جو وڏو وڪيل هو. پر سندس شمار سنڌ جي ساڃاهه وند اديبن ۽ هاري تحريڪ جي اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو. قاضي فيض محمد جا ٽي ناول، آتم ڪٿا ۽ ٻه شاعريءَ جا ڪتاب ڇپيل آهن.

تعليم سنواريو

جاويد قاضي پرائمري تعليم نوشهري فيروز مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ 1979ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري مان، انٽر گورنمينٽ ڪاليج موري (1981ع) مان ۽ بي. اي (انجنيئرنگ) مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1988ع ۾ڪيائين. سدائين پهريون نمبر کڻندڙ جاويد قاضيءَ DABP جو ڪورس انسٽيٽيوٽ آف بينڪرس آف پاڪستان مان 2000ع ۾ ۽ ايل ايل بي جي ڊگري يونيورسٽي آف لنڊن (ايڪسٽرنل) مان 2009ع ۾ ڪئي.

عملي زندگي سنواريو

جاويد قاضيءَ جا سياسي، سماجي، ادبي ۽ ثقافتي مسئلن تي ڪالم، تجزيا، پروفائيل، انٽرويو، اڀياس، تبصرا وغيره اخبارن، رسالن ۽ مئگزينن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. گذريل پندرهن سالن کان سنڌي ٻوليءَ جي اهم ڪالمسٽ طور سڃاتو وڃي ٿو. جاويد قاضي، ’هم‘ ٽي. وي (اردو) ۽ سنڌ ٽي. وي تي ڪجهه عرصو ’اينڪر پرسن‘ طور ڪم ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ هن اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن جا انٽرويو به ڪيا. هن بئنڪاري جا به ڪيترا ڪورس ڪيا آهن. ان سلسلي ۾ هن پاڪستان کان ٻاهر انگلنڊ ۽ بنگلاديش وغيره ملڪن ۾ ڪيترن سيمينارن ۽ ورڪشاپن ۾ به حصو ورتو آهي. قاضي جاويد انساني حقن، غربت جي خاتمي ۽ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندي، انهن مسئلن بابت ڪيترن ئي ملڪن جو دورو ڪري سيمينارن ۾ شرڪت ڪئي آهي. هن وقت به لنڊن يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل. ايم ڪري رهيو آهي. هن وقت سنڌ جي سنيئر وڪيل عبدالحفيظ لاکي سان گڏجي ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي.[1]

حوالا سنواريو