جان محمد مھر ڪي ٽي اين نيوز ۽ ڪاوش جي سکر جو بيورو چيف ھو، جنھن کي آفيس مان گهر ڏانھن ويندي اڻڄاتل ھٿياربندن 13 آگسٽ 2023ع تي قتل ڪري ڇڏيو.[1]

جان محمد مھر
پيدائش 3 مارچ 1981ع
چڪ، سنڌ
وفات آگسٽ 13, 2023 (عمر 42 سال)
سکر، سنڌ
پيشو صحافت
سَرگَرمُ سالَ 1996ع کان 2023ع

ابتدائي زندگي

سنواريو

جان مھمد مھر 3 مارچ 1981ع تي چڪ ۾ پيدا ٿيو، ھن ابتدائي تعليم گورمنٽ پرائمري اسڪول چڪ مان حاصل ڪئي، جڏھن تہ 1996ع ۾ ھن ڏھين جو امتحان ھاءِ اسڪول چڪ مان ۽ ٻارنھون ڪلاس 1998ع ۾ ڊگري ڪاليج سکر مان پاس ڪئي. ھن اسلاميہ ڪاليج سکر مان 2000ع تي گريجوئشن پاس ڪئي.2004ع تي ھن شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سوشيالاجي ۾ ايم اي پاس ڪئي. ھي ڪاليج ۽ يونيورسٽي دور ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي شاگر جماعت ستاف جو رڪن پڻ رھيو.[2]

عملي زندگي

سنواريو

ھن 1996ع جي ننڍي ڄمار ۾ صحافتي زندگي جي شروعات ڪئي ۽ ڏھين ڪلاس پڙھڻ دوران ھي سنڌي اخبار برسات ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. 2002ع ۾ ھي ڪاوش گروپ سان سلھاڙجي ويو، ان کان اڳ ھي ڪوشش جو عيوضي پڻ رھيو.[2]

13 آگسٽ 2023ع تي جان محمد مھر ڪي ٽي اين سکر جي آفيس کان گهر طرف وڃي رھيو ھو تہ اڻڄاتل ھٿياربندن مٿس فائرنگ شروع ڪري ڏني. جان محمد کي ڳلي، پٺي، سيني ۽ اک ۾ گوليون لڳيون، جنھن کي سکر سول اسپتال پڄايو ويو، جتي آپريشن ٿيٽر ۾ ھي وفات ڪري ويو. ايس ايس پي سکر واقعي کي زميني تڪرار ڄاڻايو. جڏھن تہ آئي جي سنڌ چيو تہ تڪڙ ۾ واقعي کي ذاتي تڪرار قرار نہ ڏيڻ گهرجي ھا[2] جان محمد مھر کي سندس اباڻي ڳوٺ چڪ ۾ دفن ڪيو ويو.[3]

وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاهہ جان محمد مھر کي پنھنجو دوست ڄاڻيو ۽ ڇيو تہ حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ تي آھي، پر نگران حڪومت ان ڪيس کي ضرور منطقي انجام تائين پھچائيندي.[3] سنڌ جي قوم پرستن، سيد زين شاھ، صنعان خان قريشي، قادر مگسي، اياز لطيف پليجو پڻ قتل جي مذمت ڪئي.[2]