صنعان خان قريشي

سنڌي قومپرست اڳواڻ

صنعان خان قريشي جيئي سنڌ قومي محاذ جو ھاڻوڪو سربراھ آھي.[1] صنعان قريشي پنھنجي والد ۽ جسقم چيئرمين بشير احمد قريشي جي 2012ع تي پراسرا موت کان پوءِ جسقم جي سربراھ طور مقرر ٿيو.

صنعان خان قريشي
سربراھ جيئي سنڌ قومي محاذ
دفتر سنڀاليو
9 سيپٽمبر 2012
پيشرو بشير احمد قريشي
ذاتي تفصيل
ماءُپيءُ بشير احمد قريشي (والد)
ڪرت سياستدان
سڃاڻپ سربراھہ جسقم

شروعاتي زندگي سنواريو

صنعان قريشي ڏھين ڪلاس جا امتحان خانگي ڪاليج مان ڏنا ۽ ھن ٻارھيون رتوديرو گورمنٽ ڊگري ڪاليج مان پاس ڪئي.[2]


Political career سنواريو

صنعان قريشي پنھنجي پي ۽ جسقم چيئرمين بشير احمد قريشي جي پراسرار موت کان پوءِ 2012ع تي جسقم جي سربراھي ڪئي. ھي 9 سيپٽمبر 2012ع تي پارٽي چونڊن ۾ سربراھ طور چونڊجي آيو.[3] جڏھن صنعان کي پارٽي چيئرمين چونڊيو ويو سندس عمر صرف 19 سال ھئي، ان وقت صنعان چيو تہ سندس والد جي خواھش ھئي تہ ھو پنھنجي تعليم مڪمل ڪري.[2] صنعان جي پارٽي چيئرمين طور مقرري کان پوءِ پارٽي جي اڳواڻن تنقيد ڪئي تہ صنعان جي مقرري آپيشاھي وارو فيصلو آھي.[4].

قيد سنواريو

بحريا ٽائون ڪراچي جي پرتشدد ڌرڻي کان پوءِ 9 جون 2021ع تي صنعان کي پوليس دھشتگردي واري ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو. [5]

حوالا سنواريو