جانجهه
جانجهه ساز جو هڪ قسم آهي، جيڪي گهڻي ڀاڱي پتل يا ڪَنجهي جي مخروطي وٽين يا ڪَٽورين تي مشتمل ٿينديون آهن. جيڪي مندرن ۾ ستسنگ يا ڀڳتيءَ جي موقعي تي وڄايون وينديون آهن.
ساخت
سنواريوهي ٽَليون جئين ته گول وَٽين وانگر هونديون آهن، ان ڪري انهن ۾ ننڍڙيون لارون وِڌيون وينديون آهن ۽ اُهي ڌاڳن سان ملائي وَڄايون وينديون آهن. جانجهه وَڄائڻ لاءِ ٽَلين جون ٻه جوڙيون ڪم آنديون وينديون آهن. مُک ڀڳت يا راڳي تنبوري ۽ باجي تي ڳائيندو آهي ۽ ٽوليءَ ۾ موجود ٻيا ڀڳت يا راڳي جانجهه ۽ کڙتالون وڄائي ڀڳتي ڪندا آهن. ٿر ۾ جانجهه جي وَٽين کي’ڪانسيا‘ به چئبو آهي. خاص ڪري ڀوپا ماڻهن جي جِن ڪڍڻ واري هڪ وهمي عمل/ عقيدتي عمل دوران چار پنج ڄَڻا گڏجي جانجهه ۽ دهل وڄائيندا آهن. ٿر جا لوڪ فنڪار ۽ ڀڳت عام گيتن، ڪلامن ۽ ڀڄنن دوران جانجهه/ ٽَليون وڄائيندا آهن. موهن ڀڳت کان وٺي ڀُڳڙي ڀڳت تائين سمورن ڀڳتن جي راڳداريءَ ۾ جانجهه يا ٽَلين کي وڏو عمل دخل رهيو آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011