تھجد جي معني آهي ننڊ ڦٽائي اٿڻ، رات جي ڪجهہ حصي ۾ سمهڻ کان پوءِ اٿي جيڪا نماز پڙھي ويندي آهي ان کي تھجد جي نماز چوندا آهن. تھجد جو مسنون طريقو اھو ئي آھي تہ ماڻھو ننڊ ڪري ۽ اڌ رات گذرڻ کان پوءِ اٿي نماز پڙھي.[1]

تھجد جي نماز

سنواريو

تھجد جي نماز سنت آھي. نبي ﷺ اھا نماز ھميشہ پڙھندا ھيا ۽ اصحابين کي پڻ پڙھڻ جي دلچسپي ڏياريندا ھئا. قرآن ۾ فرمايو ويو آهي تہ:

"۽ رات جي ڪجھ حصي ۾ تھجد پڙھندا ڪريو، ھي اوھان جي لاء خدا جو وڌيڪ فضل آھي. قريب آھي تہ خدا اوھان کي (ٻنهي جھانن ۾) پسند ڪيل مرتبي تي پھچائي."

— سورة بني اسرائيل- 79

بيشڪ رات جو اٿڻ نفس کي قابو ڪرڻ لاء گهڻو ڪارائتو ۽ قرآن چڱي طرح پڙھڻ لاء وڌيڪ موزون آهي

— سورة المزمل-6

حضرت سلمان فارسي جو بيان آهي تہ نبي ﷺ فرمايو تہ:

"تھجد جي نماز پڙھو، ھي نيڪ ماڻهن جي خصلت آهي ۽ خدا سان توھان کي ويجهو ڪرڻ واري، گناھن کي ميٽڻ واري ۽ گناھن کان بچائڻ واري آهي ۽ جسم منجهان بيمارين کي ڀڄائڻ واري آهي."

— حديث[1]

تھجد جي نماز جو وقت

سنواريو

تھجد جو سنت مطابق وقت ھي آھي تہ سومهڻي جي نماز کان پوء ماڻھو سمهي پوي ۽ پوءِ اڌ رات کان بعد اٿي نماز پڙھي.[1] نبي ﷺ جن ڪڏھن اڌ رات جو، ڪڏھن ان کان اول يا بعد ۾ ننڊ مان اٿندا ھئا ۽ آسمان ڏانهن نظر کڻي سورة آل عمران جون آخري رڪوع جون 190 کان 194 تائين آيتون پڙھندا ھيا[2] ۽ وضو ۽ ڏندڻ ڪري نماز شروع ڪندا هئا.[1]

تھجد جي نماز ۾ رڪعتون

سنواريو

ھن نماز جي رڪعتن جو گهٽ ۾ گهٽ تعداد ٻہ آھي ۽ وڌ ۾ وڌ اٺن رڪعتن تائين نقل ٿيل آهي. نبي ﷺ جن جي اڪثر اھا ئي عادت مبارڪ ھوندي ھئي تہ ٻہ ٻہ رڪعتون ڪري اٺ رڪعتون پڙھندا ھيا.[1]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 آسان فقہ، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002ع - صہ 39 ، 194,195,196,197,198,199
  2. صحيح بخاري