تجنيس ناقص
تجنيس ناقص اهڙا لفظ جيڪي لکڻ ۾ هڪجھڙا هجن، پر اعرابن ۾ تفاوت هجي تہ ان کي تجنيس ناقص چئبو آهي.
- وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو. (شاھ)
هن مصرع ۾ پھريون وَرَ لفظ جي ”ر“ تي زبر آهي، جنھن جي معنيٰ آهي مڙس، خاوند. ٻي ”ور“ لفظ جي ”رُ“ تي پيش آهي، جنھن جي معنيٰ آهي، ڏِنگُ. مٿينءَ مصرع ۾ لفظ تہ هڪجھڙا آهن، پر انهن جي اعرابن ۾ تفاوت آهي، تنھن ڪري ان کي تجنيس ناقص چئبو. ناقص معنيٰ اڻپورو ڪلام يا اهڙا لفظ جيڪي لکڻ ۾ هڪجھڙا هجن، پر اعرابن ۾ تفاوت هجي تہ ان کي تجنيس ناقص چئبو آهي.[1]
- مثال: جَتَنَ ڪيا جَتَنِ، آيا ڪي ايندا.
- جَتَنَ = ڪوششون، جَتَنِ= اوٺارن .
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.