تاراٻائي ڀوسلي

ڇترپتي راجارام جي راڻي
تاراٻائي سان ڀل نہ کائو.

تاراٻائي ڀونسلي (1675ع –کان 9 ڊسمبر 1761ع[1] ڄمڻ جو هنڌ ستارا) سال 1700ع کان 1708ع تائين مراٺا سلطنت جي نائب حڪمران (ٻئي جي پاران حڪومت هلائيندڙ) رهي. هي ڇترپتي راجا رام ڀونسلي جي راڻي، سلطنت جي باني شيواجي جي نُنهُن ۽ شيواجي ٻيون جي ماءُ هئي. پنهنجي مُڙس جي موت کانپوءِ هن مغليا سلطنت جي خلاف تحريڪ مقاومت کي جيارڻ ۾ اهم ڪردار نڀايو ۽ پنهنجي پُٽ جي نابالغي ۾ نائب السلطنت واري عهدي تي ڪم ڪندي رهي.

تاراٻائي ڀوسلي
Tarabai
معروف مراٺي ليکڪ ايم وي ڌورانڌر پاران جنگ ۾ تاراٻائي جي 1927 جي تصوير.
جيون ساٿيراجارام چتراپتي
نسلشيواجي ٻيون
والدهمبي رائو موهتي
پيدائشاپريل 14 1675(1675-04-14)
وفات9 ڊسمبر 1761 (عمر 86 سال)
ستارا

جڏهن تارا ٻائي پنهنجي پُٽ شيواجي ٻيون کي ڪولهاپور جو ڇترپتي بڻائڻ چاهيو تہ مهاراج شاهو پهريون ۽ ٻين سردارن هن جي مخالفت ڪئي. تنهن هوندي ڪانهوجي آنگري، داماجي ٿورٽ، چندرسين جاڌوو ۽ ٻين ڪيترن ئي سردارن هن جي حمايت ۽ سهائتا ڪئي.

سوانح حياتسنواريو

تاراٻائي جو تعلق موهتي قبيلو[2] سان هيو، هن جو پيءُ همبي رائو موهتي مشهور مرهٽا جرنيل هيو۔ اهڙي ريت هيءَ سوئيرا ٻائي جي ڀائيٽئي پڻ هئي، انَ سَڱ سان هيءَ پنهنجي مُڙس راجا رام جي پُڦاٽ هئي. سال 1700ع ۾ راجا رام جي وفات ٿي وئي ته تارا ٻائي پنهنجي کيرپياڪ ٻالڪ شيواجي ٻيون کي ان جو جانشين تسليم ڪيو[3] ۽ پاڻ نائب السلطنت جي عهدي تي ڪم ڪرڻ لڳي.[4]

مرهٺا فوج جي ڪمانداريسنواريو

نائب السلطنت طور تارا ٻائي اورنگ زيب عالمگير جي فوجن سان جنگ ڪرڻ جي ذميداري سنڀالي. جيئن تہ هن کي گهوڙي سوار فوج جي چُرپُر ۾ خاص مهارت حاصل هئي، انهيءَ لاءِ جنگين دوران سندس اَٽڪلون ڪمائتيون ثابت ٿينديون هيون. تارا ٻائي مغلن سان جنگ جاري رکي ۽ ان جنگ جي سرواڻي ڪندي رهي. هڪ ڀيري مغلن سان پرچاءُ (مصلحت) جي ڪوشش پڻ ڪيائين جيڪا ان انداز ۾ ڪئي وئي تہ مغلن اها تُرت ئي ڌڪاري ڇڏي ۽ نتيجي طور تارا ٻائي مرهٽا مقاوت کي جاري رکيو. 1705ع تائين مرهٽا نرمدا ندي پار ڪري مالوا تي حملي آور ٿي چُڪا هيا. سال 1707ع ۾ اورنگ آباد جي ويجهو هڪ هنڌ خلدآباد ۾ اورنگ زيب مري ويو، ان جي وفات جي سماچار سان مرهٽن سُکَ جو ساهه کنيو.[5]

ڇتراپتي شاهو مهاراج سان لڙائيسنواريو

مراٺا حملي کي ورهائڻ  ۽ مرهٽن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ لاءِ، مغلن شاهوجي، سمڀاجي جي پُٽ ۽ تاراٻائي جي ڀائٽي کي، ڪُجھ شرطن تي قيد مان ڇڏي ڏنو. انهن مراهٺا رياست جو انتظام هلائڻ ۽ اڳواڻي ڪرڻ لاءِ تُرت ئي تاراٻائي ۽ شيواجي ٻيون کي چيلينج ڪيو. نيٺ شاهو پنهنجي قانوني حيثيت ۽ پيشوا بالاجي وشواناٿ جي سفارتڪاري (ڊپلوميسي) وسيلي سوڀارو ٿيو ۽ تاراٻائي کي پڻ پاسي تي ڪري ڇڏيائين.تاراٻائي 1709 ۾ ڪولهاپور ۾ هڪ مخالف درٻار قائم ڪئي هئي، پر انکي راجارام جي ٻئي  رَن زال راجاسٻائي تخت تان لاهي ڇڏيو، جنهن پنهنجي ئي پُٽ سمڀاجي ٻيون کي تخت تي ويهاري ڇڏيو. تاراٻائي ۽ ان جي پُٽ کي سمڀاجي ٻيون قيد ڪيو هيو. شيواجي ٻيون  1726ع ۾ مري ويو. تنهنکانپوءِ تاراٻائي  سال 1730ع ۾ ڇتراپتي شاهو سان  ٺاهہ ڪري ورتو ۽ بنا ڪنهن سياسي طاقت جي ستارا ۾ رهڻ لڳي.[6]

حوالاسنواريو

  1. Jadhav, Bhagyashree M (1998). "Ch. 5 - His Contribution to Maratha History". Dr. Appasaheb Pawar a study of his life and career. Shivaji University. pp. 224. http://shodhganga.inflibnet.ac.in/handle/10603/138357/. 
  2. Pati, Biswamoy (editor); Guha, Sumit; Chatterjee, Indrani (2000). Issues in modern Indian history : for Sumit Sarkar. Mumbai: Popular Prakashan. p. 30. ISBN 9788171546589. https://books.google.com/books?hl=en&lr=&id=S2Yn4LlujqsC&oi=fnd&pg=PR9&dq=rajaram+tarabai+mohite&ots=kDNXVm1bnL&sig=pwou9eMtpe-JV7TVO-6v6MfDDhI#v=onepage&q=rajaram%20tarabai%20&f=false. 
  3. Sen, Sailendra (2013). A Textbook of Medieval Indian History. Primus Books. pp. 201. ISBN 978-9-38060-734-4. 
  4. Sen, Sailendra (2013). A Textbook of Medieval Indian History. Primus Books. pp. 201. ISBN 978-9-38060-734-4. 
  5. Eaton, Richard M. (2005). A Social History of the Deccan, 1300-1761: Eight Indian Lives, Volume 1. Cambridge, England: Cambridge University Press. pp. 177–203. ISBN 0-521-25484-1. https://books.google.com/books?id=cGd2huLXEVYC&pg=PA181&lpg=PA181&dq=tarabai+rajaram+marriage&source=bl&ots=Y9_L4eip1H&sig=cqGaqCDnuSwn01eYlS9jUww5_9g&hl=en&sa=X. 
  6. Sumit Sarkar (2000). Issues in Modern Indian History: For Sumit Sarkar. Popular Prakashan. p. 30. ISBN 978-81-7154-658-9. https://books.google.com/books?id=S2Yn4LlujqsC&pg=PR9. 
پيشرو
راجارام چتراپتي
Regent of the
مراٺا سلطنت

1700–1708
جانشين
Chhatrapati شاهو پهريون

سانچو:مراٺا سلطنت